حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي، سنڌ جي نگران سرڪار طرفان 52 ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ملڪ جي سگھاري اداري سان لاڳاپيل ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ واري عمل کي رد ڪندي چيو آھي تھ سنڌ جون زمينون قبضي ڪرڻ جو اھو طريقيڪار سنڌ کي ھڪ ڌڪ سان فتح ڪري ان جي وسيلن ۽ زمين جو پنهنجو پاڻ کي مالڪ سمجھڻ جي برابر آھي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي اجلاس بعد رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جسم جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورھيھ سنڌي، جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ محمد علي خشڪ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. رياض چانڊيو چيو تھ اڄوڪي اجلاس ۾ سنڌ جي زمينن تي غير قانوني والار ۽ سنڌ مان غير قانوني طور رھندڙ افغانين ۽ ٻين ڌارين جي نيڪالي واري عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. ھن چيو تھ حڪمرانن اعلان ڪيو ھو تھ افغانين کي ملڪ مان ڪڍنداسين جنھن تي عمل درآمد لاءِ حڪومت ۽ سندس سرڪاري مشينري تيار ناھي، جنھن جي اسان لفظن م مذمت ڪيون ٿا. سنڌ جي نگران سرڪار طرفان 52713 ايڪڙ زمين ملڪ جي سگھاري اداري سان لاڳاپيل ڪمپني حوالي ڪرڻ سنڌ کي ھڪ ڌڪ سان فتح ڪري ان جي وسيلن ۽ زمين جو پنهنجو پاڻ کي مالڪ سمجھڻ جي برابر آھي، اسين جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان اھو واضع ٿا ڪيون تھ اسان ھٿيار جي زور تي يا ڪنھن شڪست کاڌل ملڪ جي حيثيت ۾ پاڪستان نھ ڳڍيا ويا آھيون، پر اسان ھڪ معاھدي تحت ھڪ قوم ۽ ھڪ رياست جي حيثيت ۾ پروقار معاھدي تحٽ رضاڪاراڻي طور تي ھن ملڪ ۾ گڏ ھئاسين، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت کي روز جي ڪمن ۽ چونڊن جي ڪم کان سوائي ٻيو ڪم ناھي، اھڙي فيصلي کي جابرانـا ۽ فاتحانا فيصلو سمجھندي ان کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا، فوري طور سنڌ جي زمين تان والار ختم ڪيو، قبضي ھيٺ آيل سموريون زمينون مقامي ھارين ۽ پورھيتن جي حوالي ڪيون وڃن. اجلاس ۾ اياز سولنگي، پنھل جمالي، انور بڙدي، غلام مصطفيٰ عمراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.