حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي لٽمار خلاف عوامي راڄ تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جي سڏ تي اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙ سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي عوامي راڄ تحريڪ سنڌ جي چيف آرگنائيزر سراج چانڊيو، راشد سومرو، ايڊووڪيٽ احمد علي دل، ايڊووڪيٽ مهراڻ ڀٽو ۽ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ان کي فوري طور تي روڪيو وڃي، سنڌ جي زمينن جي والار ٿي رهي آهي، سنڌ جون زمينون، ٻيٽ، درياهه، جبل ۽ ڪوئلو هتان جي ماڻھن جي قومي ملڪيت آھي، سنڌ جون زمينون سنڌي قوم جي قومي ملڪيت آھي ۽ قرارداد پاڪستان جي روشني ۾ ۽ پاڪستان جي مضبوطي لاءِ صوبن جي ملڪيت سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي، گڏوگڏ ھتي رهندڙ ماڻھن جي بقا لاءِ رٿابندي ڪئي وڃن، دفائي ادارا دفاع طرف ڌيان ڏين ۽ ملڪي سلامتي لاءِ ڪم ڪن. ۽ سنڌ جي زمينن سان هٿ چراند بند ڪري سنڌ دشمن قانون ختم ڪري سنڌي ماڻھن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.