ميهڙ ۾ خواجه سرا جي گهر مان چوري، پيرا کڻي ويل پوليس تي حملو، 4 اهلڪار زخمي، ڇڪتاڻ

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ۾ خواجه سرا جي گھر مان چوري، کوجي ڪتن ذريعي پيرا، پوليس ۽ ھٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ، 4 پوليس اھلڪار زخمي، پوري ضلعي مان پوليس طلب ڪري سرچ آپريشن ڪيو  ويو، 3 عورتن سميت 8  ڄڻا گرفتار ، ھٿيار ھٿ، پوليس ڏوھارين جا گھر به ڊاھي ڇڏيا، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد عبدالله ڪالوني مان چور خواجه سرا فردوس فقير جي گھر جا تالا ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿي گھر مان 10 لک رپيا روڪ رقم، 4 تولا سونا زيور موبائيل فون ۽ ٻيو سامان  کڻي ويا،  خواجه سرا فردوس فقير ۽ ٻين دانھيندي روئيندي ماتم ڪندي ٻڌايو ته اسان پنھنجي برادري جي شادي تقريب ۾ ويل ھياسين ته پويان نامعلوم چور گھر ۾ داخل ٿي 10 لک روڪ رقم 4 تولا سون ، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ٻھاري ويا آھن، ميھڙ پوليس خواجه سرا وٽ پھچي واقعي جا تفصيل ورتا ۽ کوجي ڪتا گھرائي پيرا کنياويا، کوجي ڪتن پيرا عبدالله ڪالوني ۾ رتن عرف عباس کوسو جي گھر ۾ لڳا گھر ۾ موجود جوابدارن پاران پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنھن دوران ميھڙ جي ٻن ٿاڻن ۽ سي آءِ پوليس جي ھٿياربندن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن دوران گوليون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 4 پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اي ايس آ۽ ديدار سولنگي ،نياز پنھور ، صدام ڪلھوڙو ، اسلم ھالو شامل آھن، ميھڙ پوليس ۽ جوابدارن جي فائرنگ واري واقعي بعد سي آءِ اي ۽ ميھڙ جي ٻن ٿاڻن سميت دادو ضلع جي مختلف ٿاڻن تان وڏي تعداد ۾ پوليس اھلڪار ۽ ليڊيز پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ۽ جوابدارن جي گھرن توڙي پاسي وارن گھرن جي تلاشي بعد 3 عورتن ھڪ معصوم ٻار سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيلن ۾ رتو عرف عباس کوسو ، مجيد کوسو حميد کوسو ، نويد کوسو ، ٽي عورتون ۽ ٻار شامل آھن جڏھن ته ميھڙ سي آءِ اي انچارج طارق عباس سولنگي موجب جوابدارن جي گھرن مان 2 رائيفل، ھڪ پسٽل ، ھڪ گرنيٽ، ٻه ڪلو چرس ، 3 چوري جون موٽرسائيڪلون ، لوھ جو سامان ، پاڻي جا موٽر، سميت ٻيو چوري جو سامان ھٿ آيو، ٻئي طرف واقعي بعد پوليس پاران عبدالله ڪالوني ۾ گھٽيون سوڙھيون ھجڻ ڪري ڪرين مشين نه اچڻ ڪري پوليس عملدار پنھنجن ھٿن سان جوابدار رتو عرف عباس کوسو ۽ سندس پٽن جا گھر ڊاھيا ويا.

جوابدارن جون وارث عورتون پاڪ ڪتاب کڻي ميهڙ ٿاڻي تي پهتيون

ميهڙ: پوليس پاران گرفتار ٿيل جوابدارن جون وارث عورتون پاڪ ڪتاب کڻي ميھڙ ٿاڻي پھتيون پوليس پاران ٿاڻن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن عورتون پوليس ٿاڻي جي در اڳيان دانھون ڪنديون رھيون جڏھن ته پوليس اھلڪارن عورتن کي ايس ايس پي دادو سان ملڻ نه ڏنو عورتون ٿاڻي اڳيان دانھون ڪنديون رھيون.

شهري اتحاد جو چيئرمين نياز ٻرڙو ۽ متاثر خواجه سرا جي گهر پهتا

ميهڙ: چوري واري واقعي واري اطلاع بعد شھري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ٻيا متاثر خواجه سر جي گھر پھچي خواجه سرا سان  ھمدردي جو اظھار ڪيو ان موقعي تي شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو جو چوڻ ھيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ڪو به سلامت ناھي رھيو ڏوھاري آزاد نموني سان ڏوھ ڪري رھيا آھن پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري خواجه سرائن سان انصاف ڪيو وڃي.

ميهڙ ۾ هڪ ڏوهاري گروهه سرگرم ٿي ويو آهي:ايس ايس پي دادو

ميهڙ: خواجه سرا جي گھر مان چوري بعد پوليس پاران پيرو کڻڻ دوران ڏوھاري جوابدارن رتو کوسو ۽ ٻين پوليس تي فائرنگ ۽ پٿراءُ واري واقعي ۾ چئن اھلڪارن جي زخمي ٿيڻ بعد ايس يس پي دادو غلام شبير سيٺار ميھڙ پھتو، ايس ايس پي دادو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته خواجه سرا جي گھر مان ٿيل چوري واري واقعي بعد پوليس پيرو کڻي جوابدار رتو کوسو جي گھر وٽ پھتي ته جوابدارن عورتن سان گڏجي پوليس اھلڪارن مٿان پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪئي جنھن سبب اسان جا 4 جوان زخمي ٿيا آھن جن مان 2 ڄڻن جي حالت بھتر آھي جڏھن ته اي ايس آءِ ديدار سولنگي سميت ٻن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي جن جو اعلاج ھلي رھيو آھي جڏھن ته واقعي بعد ڪجھه جوابدار فرار ٿي ويا آھن جن لاءِ پوري ضلعي مان پوليس گھرائي وئي آھي ۽ آپريشن ھلندڙ آھي، ھن چيو ته پوليس کي رتو کوسو جي گھر مان ھٿيار ھٿ آيا آھن ۽ ڪجهھ جوابدار گرفتار به ڪيا آھن، ميھڙ ۾ ڪجھ ڏينھن کان ھڪ ڏوھاري گروھ سرگرم ٿي ويو آھي جنھن جو پتو پوڻ بعد ڪجھه گرفتاريون ڪيون آھن وڌيڪ به ڪاروايون ڪيون وينديون.

ميهڙ ۾ پيرا کڻي ويل پوليس تي حملي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر) ميهڙ ۾ پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪارروائي دوران جوابدارن جو پوليس تي حملو، 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کان واقعي جي رپورٽ گهري ورتي آهي، آءِ جي سنڌ جي ترجمان موجب 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو  آهي، جوابدارن جي حملي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ديدار علي سولنگي، ڪانسٽيبل اسلم هالو، ڪانسٽيبل صدام ڪلهوڙو ۽ ڪانسٽيبل نياز پنهور زخمي ٿي پيا آهن، انهن جو علاج جاري آهي، گرفتار جوابدار غلام عباس عرف رتو ولد نور محمد کوسو عادي ڏوهاري آهي جيڪو اڳ به ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن خلاف 8 ڪيسن جو ڪرمنل رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.