گڏاپ ٽائون ۾ پوليس جي ڪارروائي، 25 هزار نان ڪسٽم پيڊ ايراني ڊيزل هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گڏاپ ٽائون ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي اسمگلنگ جي خلاف ڪاروائي ڪندي 25  هزار نان ڪسٽم پيڊ ايراني ڊيزل هٿ ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ترجمان ڊي آءِ جي ايسٽ موجب گڏاپ  پوليس  اسمگلنگ خلاف وڏي ڪاروائي ڪندي 25 هزار ايراني ڊيزل هٿ ڪري ٻن جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن نثار احمد ۽ محمد انور جي قبضي مان ٽينڪر نمبر پي ٽي آر 0198 ۾ ڀريل 25 هزار ليٽر هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن کي چيڪنگ دوران حب اسڪول روڊ گڏاپ وٽان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۽ هٿ آيل ٽينڪر کي قانوني ڪارروائي بعد پاڪستان ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.