زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جا مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌي هاري تحريڪ طرفان مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، بک هڙتالي ڪئمپون به قائم ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ داود  پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي دادو جو صدر منظور لاشاري سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالڪريم لغاري عوامي تحريڪ اڳواڻ شيخ جمال برھماڻي تعلقه جوھي صدر محمد عرس بروھي لال بروھي ھادي بخش کونھارو بخت ملاح سنڌي شاگرد ضلعه دادو اڳواڻ منير برھماڻي محبت لاشاري گل برھماڻي ماجد لاشاري سڄاڳ ٻار تحريڪ ضلعه دادو آرگنائيزر وحيد بروھي ڪئي، سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي سڏ تي تنگواڻي ۾ ھارين طرفان مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي، احتجاج جي اڳواڻي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ آصغر ملڪ، عوامي تحريڪ اڳواڻ صدام کوسو ربڏنو ملڪ اللھ بخش سلطان ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته سنڌ زمينن تي قبضن، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، جعلي زرعي دوائن ۽جعلي ٻج جي وڪري ۽ ٻين هاري دشمن منصوبن خلاف سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان نصر پور ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساگر درس، حنيف سارنگ، اسد نظاماڻي، مظهر ميرجت، اعجاز ابڙو، محمد اسحاق پرهياڙ، قيوم موريو، ڊاڪٽر طارق دائودپوٽو، نياز بهراڻي ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ھارين وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به ڪونھي، انھن جا ٻچا بکن تي آھن پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار انھن کي زمينون الاٽ ڪرڻ بدران جديد زراعت جي نالي ۾ ادارن ۽ ڌارين حوالي پئي ڪري .جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آھي، ڌارين ۽ ديسي ڀوتارن کان زميـون واپس وٺي سنڌي بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن، سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي لٽيو ڦريو ۽ ڪنگال ڪيو پيو وڃي پر ڪٿي به انتظاميا نظر نٿي اچي، ھارين کي سيٺين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، سرڪاري زمينون سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏئي پاڻي جي فراهمي ڪري زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.