سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي:عوامي تحريڪ

بدين/ ٽنڊو باگو (پ ر( عوامي تحريڪ ضلعي  بدين جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس بدين ۾ محمد علي هائوس تي ضلعي صدر جاکرو نوحاڻي جي صارت ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت عوامي تحريڪ جي سمورن برادر محاذن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ملڪ جا حڪمران سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، وسيلا ۽ معدنيات پنھنجي ذاتي جاگير سمجھي نيلام ڪري رهيا آهن. نگران سرڪار به پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن پاليسين تي هلي رهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ دشمن منصوبن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري ۽ سهولت ڪار بڻيل آهي. هنن چيو ته اڄ ملڪ بدترين معاشي صورتحال کي منھن ڏئي رهيو آهي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب. پاڪستان ۾ ساڍا ٻه ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير کان گھٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اڃان وڌيڪ سوا ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذارڻ جو انديشو آهي. ملڪي حڪمرانن مهانگائي جو ايٽم ڪيرائي عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي. وڏا وڏا سرمائيدار ٽيڪسن کان آجا آهن پر عوام کي ڪو به رليف نٿو ڏنو وڃي. عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو بليڪ مارڪيٽنگ خلاف 12 ڊسمبر تي ٽنڊو باگو ۾ مظاهرو ڪيو ويندو ۽ 19 ڊسمبر تي گولاڙچي ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.