ڪلر متاثر سنڌ جي 52 هزار 713 ايڪڙ سرڪاري زمين کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي ذريعي آباد ڪيو ويندو:آءِ ايس پي آر

ڪراچي(پ ر) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو بنيادي مقصد پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ مدد ڪرڻ آهي. ان جو هڪ بنيادي مقصد پاڪستان ۾ فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ(ايف ڊي آئي) کي 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ آهي. ايس آءِ ايف سي بيوروڪريٽڪ ريڊ ٽيپ ۽ پيچيده ضابطن جي رڪاوٽن کي هٽائي سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي پاڪستان ڏانهن راغب ڪري ٿو جيڪي ايف ڊي آءِ ۾ رڪاوٽ جو ڪم ڪن ٿا. خليج ڪارپوريشن ڪائونسل (جي سي سي) ملڪن سان تعاون کي آسان بڻائڻ جي مقصد سان، ايس آءِ ايف سي زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،بيان ۾ چيو ويو ته  ايس آئي ايف سي جي مدد سان سنڌ جي 52 هزار 713 ايڪڙ سرڪاري زمين جيڪا گذريل 75 سالن کان لوڻ کان متاثر ۽ غير استعمال ٿيل آهي، ان کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي گرين فيلڊن ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن زمين کي جديد ٽيڪنالاجيءَ ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان آباد ڪري نه رڳو فصلن جي اعليٰ پيداوار ۽ آمدنيءَ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پر غذائي کوٽ کي به ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. زراعت پاڪستان جي قومي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي. خيرپور ۾ 28 هزار ايڪڙ، مٺي ۾ 10 هزار ايڪڙ، دادو ۾ 9 هزار 3 سئو 5، دادو ۾ 3 هزار 4 سئو 8 ايڪڙ زمين آهي. سجاول، ٺٽي ۾ هڪ هزار ۽ بدين ۾ هڪ هزار ايڪڙ زمين تي ايس آئي ايف سي ڪم ڪندي. سنڌ حڪومت جي ملڪيت ۾ آيل هي سموري زمين پاڪ فوج ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي 20 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪابينا 10 سالن لاءِ ليز ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ان کانپوءِ ڪابه واڌ نه ٿيندي. انهن زمينن مان 33 سيڪڙو منافعو سنڌ حڪومت کي ڏنو ويندو. هڪ قومي مقصد جي طور تي، پاڪستان آرمي ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان سنڌ صوبي ۾ بنجر زمينن جي ترقيءَ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي. پاڪ فوج مستقبل ۾ وڏي پئماني تي زراعت، تحقيق ۽ ترقياتي سرگرمين کي انجام ڏيڻ لاءِ پراعتماد آهي جيئن رياستي زمينن جي پوکيءَ لاءِ پائيدار بنيادن تي صحيح زرعي طريقا لاڳو ڪرڻ ۽ مقامي آبادي کي مختلف انتظامي، لاجسٽڪ، ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ. سپورٽ جو مقصد روزگار جا موقعا ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي. ڪوبه ملڪ پنهنجي زرعي شعبي ۾ پيداوار وڌائڻ کانسواءِ معاشي استحڪام حاصل نٿو ڪري سگهي. اسان کي پنهنجي سموري صلاحيت ۽ موجود وسيلن کي پنهنجي زراعت جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. جنهن سان اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ٿيندو ڇو ته ڪارپوريٽ فارمنگ بنا شڪ هڪ خوشحال پاڪستان جي طرف هڪ مضبوط قدم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.