انساني حقن جي پاسداري رياست جي بنيادي ذميواري آهي: مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته رياست جي بنيادي ذميوارين ۾ انساني حقن جي پاسداري شامل  آهي. هن اها ڳالهه انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بيان ۾ ڪئي. نگران وڏي وزير چيو ته اظهار جي آزادي، تعليم ۽ صحت جون سھولتون انساني حقن جو حصو آهن، سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ سڀني شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن. نگران وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي مداخلت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس عالمي برادري کي اپيل آھي ته اڳتي اچي ۽ معصوم انساني جانين کي اسرائيلي ۽ ڀارتي ظلمن کان بچائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.