ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس پارٽي جي اولين ترجيحن ۾ انساني حقن جو تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ شامل آهي، ايندڙ عام چونڊن لاءِ به اسان جو منشور اهڙي ئي ترجيحن جو مظهر هوندو. پ پ پ جي چيئرمين انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي ڏنل آئين جي ذريعي سمورن شهرين چاهي اهو مسلمان هجي يا غير مسلمان، کي هڪجهڙي آزادي ۽ حق ڏئي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي عوامي حڪومت انساني حقن جي هڪ جامع پاليسي منظور ڪئي، جنهن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته صوبائي حڪومت جو هر حصو سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ سمورن شهرين خاص طور تي اقليتن کي برابر حق حاصل آهن عورتن، ٻارن يا معاشري جي ڪمزور طبقن خلاف ظلمن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.