دادو: گهريلو معاملي تان نوجوان شاگرد جو آپگهات

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ شاگرد مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀٽي محلا ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگرد اظهر پٽ پريل ٻگهيو پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪيو.

کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي هـُو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته شاگرد جي آپگهات ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته شاگرد کي گولي مٿي ۾ لڳل هئي جنهن سبب هو فوت ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.