سانگهـڙ چور 36 لک ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) شهر جي ايم اي جناح روڊ ناڪ نمبر چار جي ويجهو چمن داس جي دوڪان مان اڻڄاتل چور ڇٽيھه لک روپيا چوري ڪري ويا.

اڻڄاتل چور دوڪان ۾ داخل ٿي لاڪ ٽوڙي دراز ۾ پيل رقم کڻي ويا اطلاع تي چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻ يامين قريشي ۽ سانگهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي.

ان موقعي تي چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻ يامين قريشي ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر مان چاليھه لک جي چوري پوليس لاءِ سواليه نشان آهي، وڌندڙ بدامني تي پوليس ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.