مورو (ويب ڊيسڪ) پنج ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نينگر زندگي جي جنگ هارائي ويو.
قومي شاهراهه تي 5 ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نينگر سڪندر علي نول زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
نينگر سڪندر علي نول پنهنجي گهرڀاتين جو پيٽ پالڻ لاءِ باءِ پاس وٽ گاڏين جا شيشا صاف ڪندو هو.
نينگر کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هن دم ڏنو.
مٿي ڏنل تصوير ان وقت جي آهي جنهن وقت حادثي بعد کيس اسپتال نيو پئي ويو، سندس زخمي جسم تي ڪپڙو ڏنل آهي.