اسرائيل جي وڌندڙ جنگي بربريت ۽ عالمي برادري

رياض ابڙو 

غزا کي رت جو ريج ڏئي به فلسطيني عرب ان ڳالھه ۾ ڄڻ ناڪام ٿي ويا آهن اهي پنهنجي ڌرتي جو دفاع نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري ته انهن جي مقابلي ۾ اسرائيل وٽ وڏي طاقت آهي ۽ انهن جي وڏي پٺڀرائي آهي آمريڪا سميت جيڪي به غيرمسلم ملڪ آهن اهي سرڪاري طور اسرائيل جي پويان بيٺا آهن اهي چاهن ٿا ته جتي ٻيون مذهبي رياستون جڙي ويون آهن اتي اسرائيل به ملڪ طور اڀري اچي. جيڪي به فلسطيني آهن اهي پنهنجي ڌرتي ڇڏي هليا وڃن نه ته ماريا ويندا .

غزا جي پٽي جيڪا 41 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ رڳو 11 ڪلوميٽر ويڪري آهي ۽ ان جي ٽن طرفن کان اسرائيلي آبادي آهي ان ڪري ته ايسٽ بينڪ ۽ ويسٽ بينڪ ۾ هاڻي اسرائيل ناهن رهيا انهن کي هڪ هڪ ڪري 1948 کان وٺي 1967 تائين ۽ وري آهستي آهستي جنگيون وڙهي وڙهي هيل تائين ڀڄائي ماري ويا آهن ۽ اهي فلسطيني مصر ۽ اردن جي علائقن ۾ پناھ وٺي ويا آهن پر اهي جيڪي ڌرت تان قربان ٿي ويا انهن جي رت ۾ ڪو اثر نه هيو، انهن فلسطينين جو رتُ سستو هيو ۽ دنيا به ان ڳالھه تي خاموش تماشائي ان ڪري ته جيستائين غزا ۾ پهرين اڏيل 25 هزار گهر آباد ٿين تيستائين اسرائيل جوشيلو ٿي رڙيون ڪري فلسطين جي ڌرتي کي اهڙو مقدس بڻايو اٿن جو هر عورت ۽ مرد انهن جو ويڙهو آهي اهي سمجهن ٿا 1947 ۾ جيڪي دنيا ۾ 2 هزار جي آبادي جا به نه هيا اهي هاڻي 90 لک ٿي ويا جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن جنهن ۾ پاڻ اسرائيل 11 لک، سموري يورپ ۽ آمريڪا ۾ 16 لک مس آهن جي سموري آمريڪا ۾ 2 سيڪڙو به ناهن پر آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ ضرور آهن جيڪي آمريڪا کي هلائن ٿا جيڪي سموري معيشت تي قابض به آهن.

هاڻي به يو اين او به ساڳو حال ته انهن جا ادارا ڪجھه به نه ٿا ڪن،  سڀ جا سڀ يورپ ۽ آمريڪا مائل آهن انهن جي اک ڪڏهن به ڪشمير تي، افغانستان جي حالتن تي نه ٿي روئي اهي ڪڏهن به فلسطين جي ڌرتي تي ويهي اها ڳالھه نه ٿا سوچن ته جيڪي به فلسطيني آباد آهن اها انهن جي پنهنجي ڌرتي آهي ۽ جنيوا جي ڪنهن به مذمتي ٺهراءَ جي نه اسرائيل پوئواري ٿو ڪري نه آمريڪا پوءِ هاڻي مسلمان ملڪن جي اک کلڻ کپي ته اسرائيل جي جارحيت جي نه روڪي سگهيا ته سڀاڻي اهي فلسطين جهڙن نتيجن جي لاءِ به تيار ٿي ويهن ان ڪري ته اسرائيل جي دنيا جي نقشي تي اڀري آيو ۽ دنيا ان کي گريٽر اسرائيل طور مڃڻ شروع ڪيو ته اهي سڀ ڪم آمريڪا جا سولا ٿي پوندا جن ۾ اهي مسلمان ملڪن کي ان نور کان به ڪڍي ڇڏن هونءَ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن جو اهو ئي ڪم آهي ته اهي رڳو آمريڪا جي فيصلن ۽ مرضي جي پوئواري ڪري اهي سڀ ڪم ڪن جن ۾ اسرائيلي ٿنڪ ٽينڪ ۽ آمريڪا جو راضپو هجي.

هونءَ ڏسجي ته دنيا ۾ “بيلينس آف پاور“ ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو ان ڪري ته اسرائيل جي معاملي ۾ آمريڪا جتي ٽنگ اڙائي بيهي ٿو ۽ جرمني به انهن اسرائيلين کي هٿيارن جي رسد جاري ٿو رکي ان ڪري ته اهي ڄڻ ”هولوڪاسٽ“، جنهن کي 19 آڪٽوبر واري ڏينهن کي نازي ڪرسٽلناچ پوگرام“ ڪري مڃن ٿا، جرمني ۾ ڳچ حصو اڃان به يهودين جو رهي ٿو جن جي دل ۾ اهي نازي ڪيمپ وارا درد آهن جن ۾ يهودين کي ڳڻي ڳڻي ماريو ويو هيو.

مڃون ٿا ته ڪنهن به ملڪ جو وچ ۾ پوڻ وري ٽين عالمي جنگ جوٽڻ جا سانباها هوندا ۽ ائين دنيا وري جنگين جي دونهين ۾ ٻوساٽجي ويندي ان ڪري ته سڀني کي ايٽم بم پيا آهن ڪير به ڪنهن تي جي بم اڇلائڻ جي ڪندو ته انهن جا ري ايڪٽر ته بچائي ويندا پر ان بدلي جي باھ ڪير وسائيندو، ڪير انهن کي وري وچ ۾ پئجي ٺاهيندو ان ڪري دنيا جون اهي قوتون جن کي ويٽو پاور آهي جنهن ۾ مکَ پنج ملڪ آهن جن ۾ آمريڪا، روس، چين، فرانس ۽ برطانيا جنهن مان ڪنهن به ملڪ کي ڪهل نه ٿي اچي ته دنيا جي امن کي اسلامي ملڪن مان خطرو ناهي پر دنيا جا ملڪ اسرائيل، خاص اسلامي ملڪ اسرائيل ۽ آمريڪا هٿان تباھ ٿيندا (هڪ ته معاشي طرح تباھ ۽ برباد ته آهن پر جنگي حآلتن ۾ هليا ويندا) ۽ اهي ويٽو ملڪ پوءِ ڪنهن ڪم جا نه ٿيا

پر سوال اهو آهي ته اهي ايترا هٿيار ڪاڏهون آڻن جن سان اسرائيلي بربريت ۽ ظلم جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي، نه ٿو ڏئي ان ڪري جرمني جنيوا جي ميٽنگ ۾ اسرائيل کي ڪيترو به نندي، ترڪي جو احمد محمد ڪيتري به هاءِ گهوڙا ڪري ته اسرائيل کي هٿيارن پڄائڻ وارو ئي آمريڪا آهي ۽ اهو ظلم ٽرمپ جي دور ۾ ايترو نه هيو جيترو جو بائيڊن ڪرائي ٿو ۽ چار ڪلاڪن جي وقفي مان ڇا مراد آهي ته اهي ماڻهو جيڪي غزا ۾ آهن جيڪي غزا جي پٽي ۾ فلسطيني آباد آهن اهي پنهنجي ڌرتي ڇڏي ڀڄي وڃن ۽ غزا جي پٽي خالي ڪن ته جيئن اسرائيل دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، خاص يورپي ملڪن مان رهيا کهيا اسرائيل آڻي اتي آباد ڪري ۽ گريٽر اسرائيل جو خواب ساڀيان ڪري ان ڪري ته اهي اسرائيلي ۽ يهودي قوتون چاهن ٿيون ته انهن وٽ به اهڙا ويڙها پيدا ٿين، اهڙو ملڪ اچ جيڪو مسلمان ملڪن کي ڌمڪي ڏئي سگهي ته اهي ڪڏهن به ڪهڙي وقت به مسلمان ملڪن تي ايٽم بم ڪيرائي سگهن ٿا جيئن هاڻي اسرائيل فلسطيني مسلمان کي ڌمڪي ٿو ڏئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.