سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ چونڊ شيڊيول جعلي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ترجمان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ چونڊ شيڊيول کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول جاري ناهي ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ شيڊيول جعلي آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته چونڊ شيڊيول بابت ترجمان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به بيان تي ڌيان نه ڏنو وڃي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو ته اهڙن بيانن کي اليڪشن ڪميشن جو پاليسي بيان نه سمجهيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواستن تي ڪا مشاورت ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.