عدليا پاڪستان جي ٽن ڪرپٽ ترين ادارن ۾ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان طرفان قومي ڪرپشن جي حوالي سان جاري ڪيل سروي 2023 مان خبر پئي ٿي ته عدليا پاڪستان جي ٽن ڪرپٽ ترين ادارن مان هڪ آهي.
رپورٽ موجب پوليس سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي، ان کانپوءِ ٺيڪو ڏيڻ ۽ ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جو شعبو ۽ پوءِ عدليا آهي.
تعليم ۽ صحت جا شعبا ڪرپشن ۾ ترتيب وار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهي، مقامي حڪومتون، لينڊ ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪسٽم، ايڪسائز ۽ انڪم ٽيڪس ترتيب وار ڇهين، ستين ۽ اٺين نمبر تي آهي.
پبلڪ سروس ڊليوري جي ٽرمز موجب عدليا ۾ رشوت جو سراسري خرچ سڀ کان وڌيڪ 25 هزار 846 رپيا آهي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ سراسري رشوت سڀ کان وڌيڪ هئي ۽ اها هڪ لک 62 هزار رپين تائين هئي، پنجاب ۾ سراسري طور شهري وڌ کان وڌ رشوت 21 هزار 186 رپيا ادا ڪئي ۽ اها به پوليس کي ڏني، جڏهن ته بلوچستان ۾ صحت جي سهولتن لاءِ وڌ کان وڌ سراسري رشوت ڏني وئي، جيڪا هڪ لک 60 هزار رپيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.