جهوڪ ڪيئن جُهريو؟

فاروق احمد سرگاڻي

صوفي شاهه  عنايت سنڌ توڙي دنيا جي سڀني ھارين جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ شايد دنيا جو پهريون ماڻهو ھجي، جنهن ايڏي وڏي تحريڪ ھلائي. پر افسوس اھو آھي ته پرڏيهي ماڻهن کي ھن مھان شخصيت جي جدوجهد جي خبر گهٽ آھي، شاهه ه عنايت سماج مان طبقاتي اڻبرابري ختم ڪرڻ جي سڀ کان اڳ ۾ ڪوشش ڪئي.

شاهه  عنايت بنيادي طور تي ھڪڙي پختي سياسي شخصيت ھو جنهن وڏي پيماني تي ” جو کيڙي سو کائي”تحريڪ هلائي سنڌ جي جاگيردارن جي چيلَهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو آکيرو وڃي ٺٽي شهر کان 35 ميلن جي مفاصلي تي جهوڪ شهر ۾ اڏيو.

شاهه  عنايت تمام گهڻو ڏاھو شخص ھو، جنهن قرآن پاڪ کان پوءِ  سعدي، حافظ ۽ رومي جو به چڱي طرح مطالعو ڪيو. ھن بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ  ملتان جي عالم شيخ شمس الدين ملتاني وٽ ڪجھه عرصي تائين تعليم پرائي، ان کان پوءِ  پاڻ برصغير جي ٻين وڏن ليکڪن سان ملاقات ڪئي، ۽ حيدرآباد دکن وڃي پهتو جتي ان جي ملاقات شاهه  عبدالملک سان ٿي.

ان کان پوءِ  ھي موٽي اچي جهوڪ شريف ۾ ترسيو ۽ جيڪا جاگير کيس وڏن کان مليل ھئي اھا ھارين ۾ ورھائي ڇڏي، ۽ گڏيل کيڙڻ جي عمل جي شروعات ڪئي، سڀئي ھارين سموري زمين تي گڏجي ڪم ڪندا ھئا ۽ ھر ڪوئي پنهنجو پورائي رکي ٻيو بچيل فصل ٻين ضرورتن جي لاءِ  رکندا ھئا. تمام جلدي گهڻا ماڻهو پنهنجو جاگيرون شاهه  عنايت جي جاگيرن سان ضم ڪرڻ لڳا. تنهن وقت ھڪڙو فويوڊل ڪلاس وجود ۾ اچي چڪو ھو، ڇو ته مغلن ۽  ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ ندين مان ڪينال ڪڍي ڪري چڱي خاصي زمين کي آباد ڪئي. انهن سمورين جاگيرن تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڪونه ھوندي ھئي، جيڪي ملن، پنڊتن، پيرين ۽ جاگيردارن جي ملڪيت ھوندي ھئي، ۽ ھيٺيون طبقو پيڙيل ھوندو ھو.

اھا ڳالھه ان جي جاگيردارن لاءِ  قابلِ قبول ڪونه ھئي، انهيءَ ڪري ان وقت جي مقامي جاگيردار جنهن ۾ سرفهرست حمل جت ۽ نور نبي پليجو جو نالو ملي ٿو .انهن ٺٽي شهر جي  گورنر نواب اعظم خان سان ملي ڪري، مغل بادشاهه  فرخ سير جي حڪم سان جيڪا شاهه  عنايت جي سٿ ٺھي يا جيڪي ان جا روحاني فقير يا اجتماعي فائدي جي ڪري جيڪي ساڻس گڏ ٿيا. انهن جي خلاف ھڪ سگهاري جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ بيدردي سان عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو ۽ فوج کي گڏ ڪري جهوڪ شهر جو گهيراءُ ڪيو. اھو گهيراءُ چئين مھينن تائين جاري رھيو. يقينن ھي تمام وڏي جنگ ھوندي جيڪا چار مھينا ھلي.

شاهه  عنايت جي ماڻهن بهادري سان چئين مھينن تائين مقابلو ڪيو ۽ آخر تائين وڙھندا رھيا، شاهه  عنايت تمام وڏو جنگي ڄاڻو ھو، تنهن ڪري ته فقيرن سان گڏجي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جيڪا تمام وڏي ڳالھه ھئي، فقيرن جهوڪ شهر جي ٻاھران خندقون کوٽيون جنهن سان وڏو فائدو اھو ٿيو ته انهن ماڻهن کي آساني سان اڳتي اچڻ ڪونه ڏنو، ٻيون وري فقيرن خفيا طريقي سان گوريلا جنگ وڙھي ڇو ته اھي ميدان جنگ ۾ نه وڙھي سگهيا ۽ انهن وٽ سٺا ھٿيار ڪونه ھئا.

 ان وقت ظاھري ڳالھه آھي ته معاشي بحران به ٺٽي ۾ آيو ھوندو، ان جو فائدو شاهه  عنايت کي ٿئي ھا پر ھن ٻاھرين ماڻهن جي اچڻ تي پابندي مڙھي ان سان تحريڪ کي وڏو نقصان ٿيو. جڏھن ھنن ڏٺو ته اسان جهوڪ تي قبضو نٿا ڪري سگهون ۽ رھندي تحريڪ کي وڌايون پيا ته انهن صلح ۽ چالبازي واري پاليسي کي ھٿي ڏني ۽ آخرڪار 1 جنوري 1718ع تي شاهه  عنايت کي صلح جي تجويز پيش ڪئي. قرآن پاڪ تي شاهه  عنايت کي راضي ڪيو پر ھن کي خبر ڪونه ھئي ته ھي قرآني ماڻهو آھن؟ ھن سازش ۾ يار محمد ڪلھوڙو ۽ ٻيا وڏيرا، پير، مير ۽ جاگيردار ھئا. نيٺ انهن شاهه  عنايت کي گهرائي شهيد ڪيو، پوءِ  ھارين جي پٺيان لٺ لڳي. محقق ۽ تاريخدان لکن ٿا ته 24 ھزار ماڻهن کي ماريو ويو ھو.

جهوڪ جي جدوجهد جو نتيجو اھو نڪري ھا جيڪو فرانس انقلاب کان پوءِ  نڪتو جنهن سڄي يورپ جو نقشو مٽائي ڇڏيو، ۽ مڪمل طور تي جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي ڇڏيو، اهڙي ريت ھتي اھو نتيجو ضرور نڪري ھا.  جهوڪ تي قبضو ڪرڻ آسان ڪونه ھو، انهي ڪري شاهه  عنايت کي ڌوکي سان گهرائي قتل ڪيو انهي کان پوءِ  فقيرن تي وڏو ظلم ٿيو سري عام انهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ھلندڙ جدوجهد کي ماٺو ڪيو ويو.

سنڌ جي تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ صوفي شاهه  عنايت کي دنيا جو پهريون سوشلسٽ سڏيو آھي. ۽ شاهه  محمد مري جيڪو بلوچ ليکڪ آھي انهيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ شاھ عنايت  کي انقلابي ڪوٺيو آھي ۽ ان جي نظريي يا فڪر کي ڪميونيزم سان جوڙيو آھي، شاهه  محمد مري پنهنجي ڪتاب (جهوڪ جنگ جو ڪمانڊر شاهه  عنايت شهيد) جيڪو تحقيق تي ٻڌل آھي ۾ لکي ٿو، جهوڪ جي جنگ ۾ 24 ھزار ماڻهو مارجي ويا ھئا. پر وري صوفي حضور بخش پنهنجي ڪتاب شاهه  عنايت شهيد ۾ لکي ٿو ته اٽڪل چھه ست ھزار ماڻهن کي چئين مھينن جي اندر ماريو ويو.

شاهه  محمد مري وڌيڪ لکي ٿو ته ھن ڳڻي ڳڻي دانشورن ۽ ٻين پيروڪارن کي جنگ جي ميدان مان ٻاھر ڪڍيو جئين جنگ جو نتيجو ڪجھه به نڪري پر اھي ماڻهو ايندڙ وقت لاءِ  تيار ھجن، ۽ ٻئي وڏي ڳالھه جيڪا مري صاحب تحقيق ڪندي ڏٺي ته مسلمانن سان گڏوگڏ ھندن جون قبرو آھن، وڌيڪ خبر نه پئي ته انهن کي ساڙڻ جي بدران کين دفن ڇو ڪيو ويو؟.

صوفي شاهه  عنايت سنڌ جي تاريخ جو منفرد ڪردار ھو، جنهن ”جو کيڙي سو کائي“ جو فڪر ڏنو ۽ دائرو ٺاھي گڏيل ملڪيت جو تصور پيش ڪيو، سماجي ڀائيچاري ۽ مذھبي رواداري جو درس ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.