پرويز خٽڪ جنرل باجوا جي ملازمت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جي  ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي آڇ ضرور ڪئي هئي پر اڻڃاڻايل مدي ۾ واڌ جي ڳالهه درست ناهي. ٻه ڀيرا جنرل باوجود سان ملاقات ڪئي ۽ مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته عمران خان گهرو وزارت جو واعدو ڪري مون کي ڌوڪو ڏنو، هو ڪوڙو آهي، کيس پاڪستان جو صدر بڻجڻ جي به آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي. عمران خان جي دور ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته جنهن وقت اسان جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي هئي، ان وقت تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ پاڻي مٿي کان چڙهي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.