سنڌ سرڪار ڪنھن به پارٽي جي ڌر ناھي:احمد شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ وارن کاتن جي نگران صوبائي وزير سيد احمد شاھ چيو آھي ته ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي ضرور ٿينديون حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نگران سنڌ سرڪار مڪمل طور تي غيرجانبدار آھي، ڪنھن به پارٽي جي ڌر ناھي ھن وڌيڪ چيو ته سمورن اڳوڻن وزيرن کان سئو سيڪڙو گاڏيون واپس ڪرايون ويون آھن، سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ صحت واري وزير جي وچ ۾ ڪو به جھيڙو ناھي، ھن ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رھندڙ افغانين سميت ٻين پرڏيھين کي واپس ڪيو پيو وڃي، حڪومت اھڙو ڪيل فيصلو واپس نه وٺندي، سمورا غيرقانوني رھندڙ ملڪ جي وسيلن تي بار بڻيل آھن، ھن چيو ته ميڊيا سان منھنجو پراڻو ناتو آھي، اطلاعات کاتي جي وزارت جو وزير نه ھجڻ سبب ڪيترائي مسئلا رڪيا پيا ھئا اھي ھاڻ حل ٿي رھيا آھن، پريس ڪلبن کي صحافين لاءِ وڌيڪ بھتر بنائڻ لاءِ ھر ممڪن مدد ڪنداسين، ھن چيو ته شھيد جان محمد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سان حڪومت جي بدنامي ٿي رھي آھي پر حڪومت قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوري ڪوشش ڪري پئي ان کان اڳ صوبائي وزير اطلاعات پريس ڪلب پاران سندس مان ۾ ڏنل مانجهاندي جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان ۽ ٻين عھديدارن سندس آجيان ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.