حيدرآباد(رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورين پارٽين مان پيپلزپارٽي جو ان ڳالهه تي وڌيڪ زور آهي ته چونڊون پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ٿين، پر ڪجهه سياسي پارٽيون چونڊن کان فرار ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. اھڙو اظھار ھن راول هائوس حيدرآباد راهوڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻين پارٽين ريڊ لائين طئه ڪري ڇڏي آهي ته اهي ٻين سان نه ڳالهائينديون، پي ڊي ايم جي تخليق پيپلزپارٽي ڪئي، بعد ۾ پ پ کي سائيڊ لائين ڪيو ويو، حالانڪه پي ڊي ايم ٺهڻ کان اڳ ڪجهه پارٽين جا اڳواڻ ٽي وي تي به نه ايندا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي ليڊر شپ ڪجهه عملدارن کي هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ لسٽ موڪلي، جن کي هٽائڻو آهي هٽائي ڇڏيو اسان کي ڪو به فرق نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته اسان عوام جي طاقت کي ئي پنهنجي طاقت سمجهندا آهيون هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار واري دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ٿرڪول پاڪستان جو سڀ کان وڏو منصوبو پ پ ڏنو آهي، پر ن ليگ حڪومت ٿرڪول پروجيڪٽ کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت پاران سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 14 هزار ٻوڏ متاثرن کي گهر اڏي ڏنا ويا آهن، هن چيو ته بشير ميمڻ هڪ رٽائرڊ پوليس آفيسر آهي ان کي سياست جي ڪا خبر نه آهي.