جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته يھودي فلسطينين جي ڌرتي تي قبضي بعد دنيا لاءِ ناسور بڻجي ويا آھن. يو اين او آمريڪا جي نوڪر جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، تازو فلسطين ۾ جنگبندي جي قرارداد کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ انسانيت دشمن ۽ شرمناڪ عمل آهي، اھڙن خيالن جو اظهار جيڪب آباد جي ڳوٺ مدرسه پير شاخ ۾ مفتي عبدالشڪور کوسو جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي جي يو آء جي مرڪزي نائب امير مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عبدالله جتڪ، نون شامل ٿيندڙن شاھزين خان بجاراڻي، مير شفيق خان کوسو، مير سليم خان کوسو، مولانا عبدالجبار رند، مولانا صبغت الله جوڳي ۽ ٻين تقريرون ڪيون. هن چيو ته جي يو آءِ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خواهشمند آهي، اسان ڪيترين ئي حڪومتن جو حصو رهيا آهيون ۽ هر طرح جي احتساب لاءِ تيار آهيون.