اربين رپيا خرچ ڄاڻائڻ باوجود گورک جي حالت بدتر آهي: معظم عباسي

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) سنڌ ۾ پ پ پ جو متبادل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) آهي گذريل 16 سالن کان سنڌ ۾ پ پ  پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي سنڌ جون زرخيز زمينون ڀڳڻن جي مٺ تي وڪرو ڪيون ويون آهن گورک سنڌ جو تفريحي ماڳ آهي جنهن کي به گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي ان جي ترقي بجاءِ اڄ تائين ان جي بحالي لاءِ اربين روپيه خرچ ڄاڻايا ويا آهن پر تفريحي ماڳ جي حالت بدتر آهي ڪرپشن جو خاتمو چاهيون ٿا اهڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي دادو ۾ جي ڊي اي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي خان جتوئي باضابطه طور تي پي ٽي آءِ کي الوداع چئي جي ڊي اي ۾ شموليت ڪرڻ کان پوءِ دادو ۾ سٽيزن ڪميونٽي هال ۾ جي ڊي اي جي ورڪرز ڪنوينشن جي صدارت ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان گذريل 17 سالن کان پ پ پ جي ڪرپشن خلاف، حڪومتي ناانصافين خلاف جيڪا تحريڪ هلائي آهي ان تي ثابت قدم بيٺو آهيان جي ڊي اي وٽ سنڌ جي خوشحالي جو منشور آهي ان ڪري ان ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ اهم تبديليون اينديون انشاءَ الله سنڌ ۾ جي ڊي اي حڪومت ٺاهيندي هن چيو ته پ پ پ سنڌ ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جنهن ڪري سنڌ جو عوام هاڻي انهن کان بيزاري ڪندو ڪنوينشن کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ منير حيدر شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ منور جتوئي، اڳوڻو ضلعي ناظم دادو ڪريم علي خان جتوئي، اڳوڻو تعلقي ناظم دادو سيد ظفر علي شاهه، سردار عاشق حسين زئنور، رئيس امداد خان لغاري، نياز احمد ٻرڙو، رئيس احمد خان لنڊ، سعيد احمد سومرو، فاروق احمد ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، جڏهن ته ورڪرز ڪنوينشن جي آخر ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.