حفيظ مهر جي سيڪريٽري طور مقرري خلاف اپيل داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ حفيظ مهر جي سيڪريٽري طور مقرري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 14ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي ڪتابن جي ڇپائي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ درخواستگذار خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. درخواستگذار ٺيڪيدار خالد عزيز پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چئيرمين ۽ سيڪريٽري جو مدو 3 سال هوندو آهي. مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ سيڪريٽري ۽ چئيرمين کي هٽائي نٿو سگهجي. درخواستگذار پاران حفيظ مهر جي سيڪريٽري طور سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورد جي نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.