آمريڪا غزا ۾ جنگ بندي لاءِ قرارداد ٻيهر ويٽو ڪري ڇڏي

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪا غزه ۾ جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي هڪ دفعو ٻيهر ويٽو ڪري ڇڏيو آهي. قرارداد متحده عرب امارات طرفان پيش ڪئي وئي. سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 13 ميمبرن  ان جي حمايت ڪئي. برطانيه غير حاضر رهيو جڏهن ته آمريڪا مخالفت ڪئي. فرانس ۽ جاپان جنگبندي واري مطالبي جي حمايت ڪندڙن ۾ شامل هئا.گڏيل قومن جي اجلاس ۾ آمريڪي نائب سفير رابرٽ وڊ چيو ته قرارداد جو ڊرافٽ غير متوازن هجڻ کان علاوه حقيقتن سان هڪ جهڙائي نٿو رکي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزا ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته حماس جا حملا معصوم فلسطينين جي سزا جو ڪوبه جواز نه آهي. غزا ۾ ڪابه جڳهه محفوظ نه رهي آهي. غزه جا ماڻهو محفوظ هنڌ جي ڳولا لاءِ  مختلف جڳهن تي منتقل ٿي رهيا آهن. غزه ۾ خوراڪ، تيل، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته  لڳي ٿو ته غزا ۾ جنگ بندي تي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ افسوسناڪ آهي،ترڪ صدر چيو ته قرارداد رڳو آمريڪا ويٽو ڪئي، ڇا اهو انصاف آهي؟ گڏيل قومن ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جي ضرورت آهي،ايران چيو ته آمريڪا پاران قرارداد ويٽوڪرڻ سان خطي ۾ خطرناڪ نتيجا نڪرندا،فلسطينين جي نسل ڪشي جو ذميوار آمريڪا آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.