غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي فيصلي تان نه هٽنداسين: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته هڪ سياسي گروهه حڪومت جي پاليسين خلاف  ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي روانگي سان پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پئجي رهيا آهن.هن چيو ته چمن جي معاملي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙن جو دٻاءُ قبول ناهي، پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو ويندو.صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته افغان پناهگيرن جي واپسي جو منصوبو ٺاهڻ واري پارٽي جا وزير اڄ مخالفت ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.