عمران خان جو افغانين جي حق ۾ بيان مذمت جوڳو آهي: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڪراچي سينٽرل جيل ان سائيڊ اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش، ڪورٽ ڪيس  جي ايندڙ ٻڌڻي 23 ڊسمبر تي ٻڌائي ڇڏي، ٻڌڻي کان پوءِ صنعان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، روز نئون سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌ جي زمين غير قانوني طريقي سان ليز ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي انچ انچ جا وارث اسان سنڌي آهيون هن چيو ته سنڌ مان غير قانوني افغانين کي نگران سرڪار ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان جو جيل مان افغانين جي نيڪالي خلاف بيان اهو ثابت ڪري ٿو ته موجوده حڪمران هجن يا اڳوڻا حڪمران هجن اُهي سڀ افغانين جا سهولتڪار آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.