ڪراچي ( رپورٽر ) نگران صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته جڏهن اسان کي وزارت ملي ته ان کان اڳ تعليمي ادارن ۾ منشيات جو استعمال ھلندڙ هو. مونکي احساس تڏهن ٿيو جڏهن مان لياري جي بحالي مرڪز ۾ ويس. مون کي ان کانپوءِ معلوم ٿيو ته آئس آن لائن رهي آهي. اسان کي متحد ٿي منشيات جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا، سنڌ جي صحت کاتي پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليونگ اينڊ لرننگ سنڌ ٽاسڪ فورس ۽ مانچسٽر يونيورسٽي جي سهڪار سان تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير قانون عمر سومرو چيو ته ڪيترن ئي منصوبن سان گڏ هڪ ٽاسڪ فورس جي به ضرورت آهي. ڪيترائي پوليس آفيسر آهن جيڪي آئس توڙي منشيات جي فيڪٽرين کي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن. اسان کي پڻ اسان جي عملي کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. نگران صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر حارث نواز جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جي حيثيت سان منهنجي ذميواري آهي ته منشيات جي روڪٿام لاءِ قدام کڻي اهڙي لعنت کي ختم ڪيان.