دڙي ويجهو ميلو گهمڻ لاءِ ويل نوجوان بيدردي سان قتل، لاش هٿ

دڙو ( رپورٽ : منٺار ٺاراڻي)  دڙي ويجهو ٻنون ٿاڻي جي حد ۾ موالي موري اسٽاپ ڀرسان سخي بادشاھه جو ميلو گهمڻ لاءِ ويل ڳوٺ ميرل  شاھ واسي 30 ورهين جي نوجوان سيد ڀورل شاھ کي اڻڄاتل جوابدارن گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته لاش ڳوٺ سائينداد مگسي ڀرسان زرعي زمين مان هٿ آيو آهي. مقتول نوجوان ڀورل شاھ کي بيدردي سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس هڪ ڪن کي ڪپي نازڪ عضوي کي جهير ڏئي سندس ڳلي ۾ اڳٺ وجهي زرعي زمين ۾ بيٺل هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. ان ڏس ۾ مقتول نوجوان سيد ڀورل شاھ جي پيءُ سيد حيات شاھ ٻڌايو ته سندس پٽ سخي بادشاھه جو ميلو گهمڻ لاءِ ويل هو سندس لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ڏنو ويو. هن چيو ته ڪنهن سان دشمني ناهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته نوجوان کي اڳٺ يا رسي جي مدد سان گهٽا ڏيڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي سندس ڪن جو هڪ حصو به ڪٽيل آهي ۽ نازڪ عضوي کي به جهير ڏنل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي لاش جو اطلاع مليو، جاءِ واردات وٽ پهچڻ کان اڳ ئي نوجوان جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا هئا، ڳوٺ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ دڙو اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب نوجوان جو موبائل فون مليو آهي جيڪو سي ڊي آر لاءِ موڪليو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.