درد جون نديون وهائيندڙ سوانحي ڪوتا ناول: ”منهنجو ڏک“

تحرير: زرار پيرزادو

¨ ”هاڻي تنهنجي فون ڪڏهن به نه ايندي…. هاڻي تون ڪچي به هلڻ جو نه چوندين… هاڻي ڪڏهن ڀٽائي جي ان سٽ جو ورد به نه ڪندين ته…. اظهار جو نئون دڳ وٺي نظم لکي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ به شامل نه ڪندين… نه ئي درد جي اونهي اوڙاهه ۾ لهي تون جگر کي جهير ڏئي ۽ پنهنجي انتهائي ڏکويل احساسن جي رت مان شاعري جي قلم جي نب ٻوڙي ”زندگي هڪ آپريشن ٿيٽر“ جهڙو سنڌي شاعري جي تاريخ جو لافاني نظم لکندين….“

¨ مٿي ڄاڻايل ان انتهائي دلڪش، درد ناڪ، نئين ۽ انوکي اسلوب واري وراڻي سان محمد علي پٺاڻ، انور پيرزادي جي شخصيت تي سوانحي ڪوتا ناول لکيو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ شايع ٿي ادبي مارڪيٽ جي زينت بڻجي چُڪو آهي.

¨ انور پيرزادي جهڙي شاعراڻي ۽ سحر انگيز شخصيت کي محمد علي پٺاڻ جهڙو شاعر ئي ائين نظماڻي اسلوب ۾ سمائي سگهي ٿو جنهن کي انور پيرزادي جي شخصيت واري موضوع تي دسترس هجي. جيڪو ڪنهن پاڇي وانگر هر پل، هر هنڌ، هر محفل ۾ ساڻس گڏ رهيو هجي، جنهن ساڻس راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن ڪچهريون ڪيون هجن جنهن ساڻس ڊگها سفر ڪيا هجن، جنهن سندس شخصيت جا سڀ جا سڀ رنگ ۽ ڍنگ ڏٺا ۽ پرکيا هجن.

¨ هن ڪوتا ناول جي حيرت جوڳي ڳالهه نظماڻي فارميٽ جو اهو خوب صورت تجربو آهي جنهن ۾ انور پيرزادي جون سموريون ننڍيون وڏيون ڳالهيون، واقعا، گفتا ۽ شخصيت جا سڀ اوسا پاسا وڏي فنڪاراڻي مهارت سان سمائي هڪ يادگار ڪوتا ناول لکي ڏيکاريو ويو آهي.

¨ اهو شعري فارميٽ، اصل ۾ انور صاحب جي لاڏاڻي تي محمد علي پٺاڻ جي لکيل دکدائڪ نظم ”منهنجو ڏک“ جو تسلسل آهي. ان نظم جي فارميٽ ئي محمد علي پٺاڻ کي احساس ڏياريو ته ان نظم جي ڊگهي ۽ ويڪري زمين ۾ انور پيرزادي جي سوانحيات کي ڀري سگهجي ٿو ۽ پوءِ هن ائين ڪري به ڏيکاريو.

¨ هن ڪوتا ناول جي وراڻي ته هاڻي اهو ڏسي نه سگهندين، اهو چئي نه سگهندين ۽ اهو وري ائين نه لکي سگهندين ۾ ساڳي وقت کيس ڳالهائيندي، چوندي، ٻڌندي، لکندي، به ڏيکاري ٿو. ۽ ان انداز سان سندس سوانحي ڪٿا کي اڳتي وڌائي ٿو جو پڙهندڙ کي هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪتاب کي پڙهڻ جو اتساهه ملي ٿو.

¨ ڪوتا ناول جي ان وراڻي جي هڪ هڪ سٽ ۾ ”ڪلائيميڪس“ اوتيل ملي ٿو، جيڪو درد جون نديون وهائي ڇڏي ٿو.

¨ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته محمد علي پٺاڻ، انور صاحب جي زندگي جي جن ابتدائي دورن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي تڏهن ساڻس ڪا روبرو ملاقات به نه ٿيل هئي. ان حساب سان هن سوانحي ڪوتا ناول جي پهرين حصي کي نج تحقيقي چئجي ته غلط نه ٿيندو.

¨ هي ڪوتا ناول ان دور تي ختم ٿئي ٿو جنهن دور ۾ محمد علي پٺاڻ اڃان سندس زندگي ۾ داخل ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڏنل سوانحي ڪٿا سال 1945ع کان 1982ع تائين جي آهي سو هن ڪتاب جو ٻيو حصو اڃان قلمبند ٿيڻو آهي.

¨ انور پيرزادي جي اها ابتدائي زندگي جيڪا محمد علي پٺاڻ ڏٺي نه هئي پر ڪمال جي مهارت سان هن انهن دورن کي قلمبند ڪري ڏيکاريو آهي. ان لاءِ هن کي انور پيرزادي بابت شايع ٿيل ڪتاب پڙهڻا پيا، سندس گهرڀاتين سان ڪچهريون ڪري مواد هٿ ڪرڻو پيو ۽ گهڻو مواد انور پيرزادي جي ڪچهرين واري خزاني مان کنيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انور پيرزادي صاحب جنهن محمد علي پٺاڻ جي هڪ سالگره جي موقعي تي لکيل مضمون ۾ کيس ”جاکوڙي اديب“ جو لقب ڏنو هو تنهن محمد علي پٺاڻ سندس شخصيت تي هي تحقيقي سوانحي ڪوتا ناول لکي ان مليل لقب کي درست ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.