ضلعي ملير ۾ وڌندڙ بدامني، پوليس اهلڪار به ڦرجڻ لڳا !

تحرير: جميل چانڊيو

حڪمرانن جي بنيادي ذميداري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سان گڏ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هونئن ته ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال خاطر خواهه نه ٿي نظر اچي ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ حڪومتي اداري پوليس ۽ لا اينڊ آرڊر فورسز جي ذمي هيٺ آهي پر اسان جي پوليس سڳوري ڪنهن ٻئي ڪرت ۾ مصروف نظر ايندي رهي آهي. عام ماڻهن کان وٺي خاص به اڄ محفوظ نه آهن ايستائين جو تازو ميڊيا ذريعي اهي خبرون منظر تي آهيون ته پوليس آفيسر ڏينهن ڏٺي ڦرجي ويا ۽ سندن سرڪاري طاقت ڪم نه آئي.

ضلعي ملير جي سمورن ٿاڻن خاص ڪري اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ موبائل، موٽر سائيڪل ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جو انگ وڌي ويو آهي هتان شهري محفوظ نه آهن آئي ڏينهن، ڏينهن هجي يا رات شهرين جون موٽر سائيڪلون، پبلڪ پليس تان گن پوائنٽ تان ڦر ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي سوني تي سهاڳو اهو آهي جو متاثر شهري اهڙي صورتحال ۾ متاثر شهري پنهنجي ئي ڦر ٿيل ۽ گن پوائنٽ تي ٿيل وارداتن خلاف ٿاڻن تي چڪر لڳائين ٿا ۽ اسان پوليس سڳوري جي فرمائشن کي پڻ پورو ڪرڻ به سسٽم جو حصو چيو وڃي ٿو.

تازو گلشن حديد لڳ پاڪستان اسٽيل مل جي سرڪاري رهائش گاهه اسٽيل ٽائون جتي پوليس سان گڏوگڏ اسٽيل مل جي سيڪيورٽي جو نظام قائم آهي ان سرڪاري ڪالوني مان به موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. هونئن ته ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي شهرين توڙي هر عام ۽ خاص کي پڻ عزت ۽ تعاون ڪري ٿو پر ٿاڻن تي ويٺل مافيائون ايس ايس پي ملير جي ڪارڪردگي کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي چيو وڃي ٿو ته ضلعي ملير جا ٿاڻن تي عوامي مسئلن جو حل ۽ عوام جي مال ۽ جان جي تحفظ لاءِ سندن در بند نظر اچن ٿا.

اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته شهري جيڪي اڳ ئي ڦورن، لٽيرن جي ور چڙهيل آهن پر انهن جي داد فرياد جو پهريون در ٿاڻا ئي آهن جتي ايف آءِ آر (فرسٽ انفارميشن رپورٽ) داخل ڪرائڻ لاءِ شهرين کي ڪنهن نه ڪنهن سياسي، بااثر يا ڪنهن ڪاموري يا پوليس آفيسر جي سفارش يا سسٽم جو حصو ٿيڻ بغير داد فرياد نٿي ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن شهري جي ڪنهن هيلي وسيلي ايف آءِ آر درج ٿئي ٿي ته انهن کي پوليس جا انگل برداشت ڪرڻا پوندا آهن. ڪو جوابدار گرفتار به ٿيو ته پوءِ جاچ پوليس وٽ شهري نئين سر جتيون گسائيندا يا ڪو تحفو توائف ڏيندا ته پوءِ جوابدار وڏي مشڪلن سان چالان ٿي جيل پهچندو جتي جوڊيشلي سسٽم ۾ انصاف وٺڻ لاءِ شهرين کي ورهين لڳي ويندا آهن پر انهن سان انصاف لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا پوندا.

قصو اڃان هتي ناهي ختم ٿيو. تازو ضلعي جي صحافتي اداري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تي گذريل رات ڦورن جو هڪ وڏو محاذ قائم ٿيڻو هو پر بروقت عوام جي مداخلت تي انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.

هونئن ته پوليس سڳوري ڏوهن تي ضابطي لاءِ ”هاف فراءِ“ ۽ ”فل فراءِ“ تحت امن امان قائم ڪرڻ ۽ شهرين کي محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي پر اهڙو طريقو ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. اهڙي سنگين صورتحال کي ڪڏهن ڪڏهن شهري پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ لاءِ جوابدارن کي پڪڙي انهن کي مارين ٿا پر اهو طريقو به انصاف جي تقاضا پوري نٿو ڪري.

هينئر وقت جي ضرورت آهي ته جتي عوام شعور جو منزلون ماڻي چڪو آهي ۽ سوشل ميڊيا انهن جي ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي اتي حڪمرانن کي به گهرجي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪي فني طريقا اختيار ڪجن جن سان شهرين کي انصاف پلئه پئي ۽ اهي محفوظ رهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.