سمورن غير قانوني پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو وڃي: اياز لطيف

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ جون ايليا  ڪانفرنس ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي. تون کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي تون سنڌ جي ڪچي ۽ ڪچي جو نولکو ھار آھين. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هاڻي ذاتي مفادپرستن جي لالچ ۾  نه ايندا، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جون ايليا اردو جو بي مثال  روايت شڪن ۽ باغي شاعر هو، جون ايليا جي طرز ۽ روايت شڪني جي تقليد کي ڪو به شاعر نه ڪري سگهيو، جون ايليا نوجوانن لاءِ ذهن ساز ۽ رجحان ساز شاعر آهي، ادب ۽ شاعري کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن، اردو ۽ سنڌي شاعري امن، مساوات ۽ محبت جي شاعري آهي، سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي، اسان کي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان  پيار ڪندڙ آھن سنڌ عظيم تھذيب جي سرزمين آھي، سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي، دشمن قوتون ملڪ ۾ عدم استحڪام جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪنديون پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي، سنڌ ۽ ملڪ مان سمورن غير قانوني پرڏيهين کي وطن واپس موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.