اليڪشن تي اثرانداز ٿيندڙن جا رستا بند ٿيڻ گهرجن:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن وٽ عوام وٽ وڪڻڻ لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو، سالن کان اقتدار جا مزا وٺندڙ پارٽيون نعرا هڻائڻ بدران رڳو نعرا هڻي رهيون آهن.  مهانگائي ۽ بيروزگاري جو سبب وسيلن جي کوٽ نه پر گذريل حڪومتن جون ناڪام پاليسيون آهن، رنگ ۽ جھنڊو مٽائڻ سان عوام کي وڌيڪ دوکو نه ٿو ڏئي سگهجي، ديربالا ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته  پاڻ کي قوم جو مسيحا سڏائڻ وارا سالن کان ملڪ ۽ عوام سان دشمني ڪري رهيا آهن، غريبن جو رت چوسيو پيو وڃي، مافيائن ۽ سندن سرپرست مال ڪمايو.  ڪرپشن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، هن  چيو ته آمريڪا جي وفادارن فلسطين جي عوام لاءِ هڪ لفظ به نه چيو، جماعت اسلامي چونڊن جي موقعي تي ڌانڌلي کي روڪڻ لاءِ هرپولنگ اسٽيشن جي سطح تي 10 نوجوانن تي ٻڌل بنيادي جماعت اسلامي يوٿ يونٽ ٺاهيندي.  اليڪشن جي شفافيت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو اليڪشن تي اثرانداز ٿيندڙن جا رستا بند ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.