ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ترجمان چيو آھي ته شاگردن يونيورسٽي انتظاميا جي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي ريلي ڪڍڻ ۽ غيرپسنديدہ نعرا ھڻڻ تي ڪارروائي لاءِ ڊسيپلينري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آھي. پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ڪجهھ تنظيمي شاگردن پابندي باوجود 4 ڊسمبر تي ريلي ڪڍي، جنھن دوران انتھائي غيرذميداري جو مظاھرو ڪيو ويو ۽ غيرپسنديدہ نعرا ھنيا ويا، جيڪو ناقابل برداشت عمل آھي. ھن چيو ته ملوث شاگردن خلاف يونيورسٽي رولز تحت ڪارروائي لاءِ ڊسيپلينري ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آھي.