فيض آباد ڌرڻو ڪميشن: فواد حسن فواد بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ )نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد فيض آباد ڌرڻي ڪميشن آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب  فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جو اجلاس ڊاڪٽر اختر علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. فواد حسن فواد 22 نومبر 2017 جي ڪابينا اجلاس جي حوالي سان پنهنجي ڄاڻ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جي سربراهه اختر علي شاهه فواد حسن فواد کان پڇا ڳاڇا ڪئي. ڪميشن طرفان فواد حسن فواد کي به سوالنامو جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.