پشاور (م ڊ) پشاور پبلڪ اسڪول ڀرسان ڌماڪو، 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جي وڊيو سامهون اچي وئي، بابو ڳڙهي اسٽاپ وٽ روڊ ڪناري نصب ڪيل بم ڦاٽي پيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو، ڌماڪي ۾ 3 ٻارن سميت 7 شهري زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ احسان الله، احمد ضياءُ، جاويد، نعمت، شاڪر، يوسف ۽ سعد شامل آهن، هڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس موجب ڌماڪو نجي بئنڪ ۽ اسڪول ڀرسان ٿيو، ڌماڪي ۾ ٻن گاڏين کي نقصان پڻ پهتو، عمارت جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي بعد سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ايس ايس پي ارشد خان موجب ڌماڪو صبح 9 لڳي 10 منٽن تي ٿيو، ڌماڪي ۾ 4 ڪلو بارودي مواد استعمال استعمال ٿيو.