اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي جماعتن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي چونڊن لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي بڻائي ڇڏي آهي، باقي صوبن ۾ به اسان انهي ئي عزم سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين، اسان هڪ ٻئي سان بنيادي اتحادي طور ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته چونڊن کان اڳ تبصرن جي ڪابه حقيقت ناهي، اهو عوام جو فيصلو هوندو ۽ انهن جي مطابق هلنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ سان اسان گذارو ڪري وٺنداسين، پر ان حوالي سان اسان جو ڪو رابطو ناهي ٿيو،هن چيو ته ملڪ جا ٻه صوبا بدامني جي وڪڙ ۾ آهن، نوشهره ۾ اسان جي پارٽي جي هڪ بزرگ، پٽ ۽ ناٺي کي قتل ڪيو ويو، پشاور ۾ واقعا ٿيا، هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ،لڪي مروت ۾ ڪا به پوليس ناهي، ان سموري صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته ڇا چونڊ مهم هلائي سگهجي ٿي، ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان اليڪشن ملتوي ڪرڻ چاهيون ٿا پر اليڪشن لاءِ پرامن ماحول ڏنو وڃي، هوڏانهن نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته عام چونڊن دوران دهشتگردي جو چئلينج درپيش هوندو، چونڊن دوران سياسي سرگرمين ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي نشانو بڻائڻ آسان هوندو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ موجود آهي، نگران حڪومت لاءِ ڪا به سياسي جماعت پسنديده ناهي