ڪراچي (رپورٽر ) گورنمينٽ ريٽارئرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب احتجاج ڪيو ويو. گورنمينٽ ريٽارئرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئشن سنڌ جي صدر حاجي نظير احمد عمراڻي، سيڪريٽري جنرل عبد رب اوڍاڻو، ڊاڪٽر پرويز اقبال ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ته سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ، بينل فنڊ ، پينشن م ڏھه سيڪڙو واڌ ڪري رٽائرڊ ملازمن کي صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هنن اهو مطالبو گروپ انشورنس ، ٻينل فنڊ ، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، صحت ڪارڊ ۽ ٻين مسئلن حل ڪيا وڃن. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سرڪاري ملازمن۽ رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسا ڏنا وڃن ، پگھارون ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي جنهن جو وزيراعظم 2022 ۾ اعلان ڪيو هو جيڪا سنڌ کان سواءِ ملڪ جي ٻين صوبن جي ملازمن کي ملي رھي آھي ، ٻين صوبن ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي رٽائرڊ ملازمن کي بينولينٽ فنڊ ۽ گروپ انشورنس ڏني پئي وڃي، ھنن چيو ته اسان جي پگھارون مان ھر مھيني بينل فنڊ ۽ گروپ انشورنس لاءِ پئسا ڪٽيا ٿا وڃن ٿا آھي پئسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا جو آسان سرڪاري رٽائرڊ ملازمن کي انشورنس جا پئسا نه پيا ڏنا وڃن.