ھندستان جي 5 مان 3 رياستن ۾ مودي جي جماعت ڪامياب

ھندستان جي پنجن رياستن ۾ ٿيل چونڊن ۾ حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي ٽن اهم رياستن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.انھن چونڊن کي ايندڙ سال ھندستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان خاص اھميت ملي رھي آھي.تازن نتيجن بعد اھو سمجھيو پيو وڃي تھ ايندڙ عام چونڊن ۾ حڪمران جماعت ميدان ماري ويندي.

ميڊيا موجب نريندر مودي ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو اليڪشن کٽڻ لاءِ مضبوط سمجهيا وڃن ٿا ۽ نومبر  ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پنجن مان ٽن رياستن ۾ ڪاميابيءَ سان اهو تاثر مضبوط ٿيو آهي.

وزيراعظم جي پارٽي ڇٽيهه ڳڙهه ۽ راجستان جي رياستن تي اپوزيشن پارٽين کان ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آھي ۽ مڌيا پرديش ۾ هڪ مضبوط اپوزيشن مقابلي جي باوجود آسان فتح حاصل ڪئي. اهي نتيجا راهول گانڌي جي اڳواڻي ۾ جڙيل 28 پارٽين جي اتحاد لاءِ  هڪ وڏو ڌڪ آهن، ڪانگريس ڏهاڪن جي حڪمرانيءَ کانپوءِ  ھاڻي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ  ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

ڪانگريس 2014 ۽ 2019 جي چونڊن ۾ مودي جي ڀارتيه جنتا پارٽي جي هٿان بدترين شڪست جو شڪار ٿي هئي ۽ موجوده صورتحال کي ڏسندي اهو لڳي ٿو ته نتيجا هن ڀيري پڻ ڪي گھڻا مختلف نه هوندا.ڪانگريس رياست تلنگانا ۾ علائقائي پارٽي ڀارت راشٽر سميٿي کي شڪست ڏني آھي، جڏھن تھ مزورام رياست ۾ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.

10  سالن جي مسلسل حڪمراني جي باوجود نريندر مودي عوام ۾ ساڳي مقبوليت رکي ٿو ۽ آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ هن لکين ماڻهن جي شرڪت ڪندڙ چونڊ مهم کي خطاب ڪرڻ لاءِ مختلف رياستن جو دورو ڪيو.ووٽن جي حتمي ڳڻپ اڃا ٿيڻي آهي، پر هندستان جي اليڪشن ڪميشن آچر جي شام پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته ڀارتيه جنتا پارٽي مڌيا پرديش ۾ 230 مان 163 سيٽن تي اڳتي آهي.

راجستان ۾ حڪمران پارٽي 115 سيٽون کٽي ورتيون آهن ۽ 199 سيٽن واري ايوان ۾ واضح برتري حاصل آهي، جڏهن ته ڇٽيهه ڳڙهه ۾ 90 مان 54 سيٽون مودي جي پارٽي وٽ اچي ويون آهن.

هن ڪاميابي کي تاريخي ۽ بي مثال قرار ڏيندي ڀارتي وزيراعظم چيو ته مان عوام جو شڪر گذار آهيان انهن جي حمايت تي اهو سڀ ڪجهه ڀارت جي ترقي ۽ اسان جي سٺي حڪمراني جي سياست جي ڪري ٿيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.