ثقافتي ڏهاڙي کي ملهائيندي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، ان وچ ۾ سنڌي قوم انيڪ ڏکيائن جو شڪار ٿي آهي مثال طور بحريا پراجيڪٽ کي ڪراچي جي ضلعي ملير جي هزارين ايڪڙ زمين ڏئي اُن تي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. هي علائقو پکيڙ جي لحاظ کان ڪراچي جو ستر سيڪڙو ٿئي ٿو، جتي هاڻي ملڪ رياض جو قبضو ۽ حڪمراني آهي ۽ جنهن تيزي سان اُتي ڌارين جي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي، اُن سان ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي. بحريا ٽائون هاڻي رڳو ڪراچي تائين محدود ناهي رهيو ۽ ان جون سرحدون ڄامشوري تائين داخل ٿي چڪيون آهن. بحريا ٽائون جي شڪل ۾ سنڌ جي اندر نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي.
هڪ پاسي سنڌ بحريا ٽائون جهڙي مصيبت کي منهن ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي معدنيات تي به ٿر ڪول ۽ ان جهڙين ٻين رٿائن وسيلي قبضو ڪيو پيو وڃي. ساڳي وقت سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ لکين افغانين کي وسائي انهن کي سنڌ جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي سنڌ جي آباديءَ ۾ غير قانوني طور شامل ڪيو پيو وڃي موجوده آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي موجودگي صورتحال کي ڏسي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هي بيت ذهن ۾ اچي ٿو
”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“
بيان ڪيل مسئلن کان علاوه سنڌ اندر ذاتي ۽ قبيلائي جهيڙا، ڌاڙيلن جي آزار سنڌ کي معاشي ۽ معاشرتي طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ بنيادي طور تي هڪ امن پسند قوم آهي، پر انهن مسئلن جي ڪري اسان سنڌين ۾ اڻ سهپ ۽ تشدد جو عنصر سرائيت ڪري ويو آهي. اسان جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي. قبيلائي جهيڙن ڪري اسان جا ٻار اسڪول نٿا وڃي سگهن ۽ نه ئي ڪو غريب هاري پنهنجي ٻني ٻاري تي وڃي سگهي ٿو.
ثقافتي ڏهاڙي تي اسين سڀ پنهنجا جهيڙا جهڳڙا، ويڇا ۽ دشمنيون وساري هڪ ٿي وڃون ٿا ۽ گڏجي ريليون جلسا ڪريون ٿا ثقافتي ڏهاڙي تي سڀ سنڌ جون سياسي ۽ قوم پرست پارٽيون هڪ ٿي وينديون آهن سندن هڪ ئي ايجنڊا هوندي آهي ته گڏجي هي قومي عيد ملهايون. پر افسوس جڏهن بحريا ٽائون، ڌارين جي آبادڪاري، قومي وسيلن جي ڦرلت ۽ قبيلائي جهيڙن جي ڳالهه اچي ٿي ته سڀني پارٽين جي سوچ ۽ ايجنڊ الڳ الڳ ٿي ويندي آهي مان ثقافتي ڏينهن جي مخالفت نٿي ڪريان پر سوچڻ گهرجي ته ثقافت جون پاڙون ڌرتي ۾ هونديون آهن جيڪڏهن ڌرتي پنهنجي وس نه هوندي، جيڪڏهن ڌرتي نه رهندي ته ثقافت کي ڪيئن بچائينداسين. منهنجي سنڌي قوم کي اهو نماڻو عرض آهي ته جيئن اسين ثقافتي ڏهاڙي تي ٻڌي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيون ٿا گڏجي سڀ سياسي، ذاتي، قبيلائي ويڇا ۽ دشمنيون وساري هڪ ئي جشن ملهايون ٿا، جهمريون هڻون ٿا. بلڪل ساڳي طرح اسان کي گهرجي ته پنهنجي پياري سنڌ ماءُ کي تباهه ڪندڙ سڀني مسئلن خلاف هڪ ٿيون. هڪ ٿي پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ وارثي ڪيون پنهنجي اتحاد ۽ ٻڌي سان پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي بچايون.