سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ سگا

تحرير:اشفاق احمد ميمڻ

دنيا جي ملڪن ۽ قومن ونگر اسانجي ملڪ ۾ پڻ هتي جون قومون ۽ انهن جا ادارا پنهنجن معاشرن، سماج لاءِ  جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ  ڪوشان آهن ۽ زندگي جي ان لازمي عمل ۾ سنڌ جا ادارا پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن، اسانجو جو هي واحد پراڻو سماجي ادارو آهي، جيڪو 52 سالن کان قائم آهي ۽ صوبي جي پٺتي پيل علائقن جي ساليانو لکين ماڻهن جي تعليم، صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي جاڳرتا ۽ اوسر جي ڪمن لاءِ  مددگار ۽ خدمتگار طور سڃاتو وڃي ٿو. يقينن سگا جو گذريل اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان ڪم۽ ڪردار پڻ تمام اهم رهيو آهي. هن اداري جي بانيڪارن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، بلال سيال، سائين بخش عباسي، بخش علي لاکو، ڊاڪٽر شريف ميمڻ، نذرميمڻ، فضل الله قريشي، عبدالرحمان شورو، محمد صالح شيخ، پروفيسر مظهرالدين ميمڻ، خان محمد پنهور ۽ ٻين هستين جو بنيادي ڪم ۽ ڪردار رهيو آهي ليکڪ جو انهن سمورن مرحلن ۽ آزمائشن ۾ انهيء سٿ سان هميشه ساٿ ۽ ڪردار پڻ شامل رهيو آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي تاريخي جدوجهد 1970ع کان وٺي جاري آهي، سگا جي قائم ٿيڻ جا بنيادي ڪارڻ 1970ع دوران آيل تبديلين سان اڀريا. جڏهن ون يونٽ جي خاتمي سبب ڪراچيءَ ۾ سنڌ سرڪار جو پنهنجو سيڪريٽريٽ قائم ٿيو. جنهن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ  هڪ پاسي لاهور کان سمورو سنڌي عملو موٽي آيو ته ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف علائقن کان ڪيترائي ماڻهو اچي ڪراچيءَ ڀيڙا ٿيا. انهيءَ نئين صورتحال، ڪراچيءَ جهڙي مهانگائي ۽ اجگر شهر ۾ سنڌي آفيسرن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ  رهائش ۽ تعليم جا وڏا مسئلا پيدا ڪري وڌا، انهن ڳالهين تي ڪوبه ويچار ڪري سگهيو ٿي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محترم شمشيرالحيدري، محترم سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو ۽ محبوب شيخ ۽ ٻين دوستن ۾ يوسف لغاري، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، مسعود نوراني، يوسف ٽالپر، لالا قادر، حفيظ قريشي، اختر بلوچ ۽ ٻين جي سٿ اهي مسئلا پيا ويچاريندا هئا ۽ محسوس ڪيو ته ان لاءِ  هڪ سنجيدي ۽ اجتماعي ڪوشش جي ضرورت آهي.

ان ساڳئي وقت اسان اهو به محسوس ڪيو ته ون يونٽ جي پندرنهن سالن ۾ سڄيءَ سنڌ اندر تعليمي ۽ سماجي ميدانن ۾ نقصان پهتو آهي. تنهن جي تلافيءَ جي ابتداء به گڏوگڏ ٿيڻ کپي. انهيءَ مقصد لاءِ  هڪ جماعت جي ضرورت هئي پر اها جماعت ڪهڙي قسم جي هجي، ڪهڙي نموني جا ماڻهو ان ۾ گڏجن ۽ ان جي ڪم جو دائرو ۽ طريقو ڇا ٿيڻ کپي؟ هاڻي رڳو مسئلن تي عام بحث بجاءِ، ڪنهن جماعت جي امڪانن تي ويچارڻ لڳا. آخرڪار سوچيندڙ سمورن  دوستن ۽ ذهنن پنهنجي چونڊ مطابق فيصلا ڪيا ۽ انهن مان ڪن شخصيتن سياسي رستا چونڊيا ۽ مختلف سياسي جماعتن ۽ تحريڪن ۾ شامل ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي دوستن سماجي مسئلن جي حل لاءِ  سماجي جماعت ٺاهڻ وارا فيصلا ڪيا.

سگا جي تاريخي دستاويزن موجب، سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ اوسر جي مقدن لاءِ  مختلف جماعتن ۽ ادارن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي. سندن مقصدن ۽ ڪارڪردگيءَ کي، سندن ڪاميابين ۽ ناڪامين کي نظر هيٺ آندو ۽ آخرڪار هيٺين اهم نقطن تي متفق ٿيا.

1) سنڌ جي نجات جو واحد وسيلو تعليم آهي، تنهن ڪري جماعت جو پهريون مقصد اهو ٿيڻ کپي.

2) ماڻهن ۾ جيستائين سماجي شعور نه ايندو، تيستائين اهي پنهنجا سياسي مقصد به سمجهي نه سگهندا. تنهن ڪري جماعت جو بنياد سياسي نه، سماجي هجڻ کپي.

3) اڻپڙهيل ۽ ٿورو پڙهيل ماڻهو سندن ترت مسئلن جي بنياد تي جذباتي طرح گڏ ڪري سگهجن ٿا، (۽ اهو ڪم سياسي ماڻهن جو آهي)، پر کين سندن دور رس فائدن جي سمجهه ڪاميابيءَ سان ڏئي نٿي سگهجي. ساڳئي وقت حقيقت پسند ٿي ڏسجي ته پنهنجين مصروفيتن ۽ وسيلن موجب انهن تائين پهچي ڪونه سگهبو، تنهن ڪري جماعت تعليم يافته ماڻهن جي هجڻ کپي.

4) تعليم يافته اهڙي درجي جا هجن، جيڪي مسئلن کي ترت سمجهن ۽ انهن لاءِ  سنجيدگيءَ سان حل پيدا ڪن. انهيءَ ڪري سندن معيار گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيٽ هجڻ کپي.

5) تعليم جي انهي معيار ۾ ڊاڪٽر، وڪيل، پروفيسر، اديب، شاعر، انجنيئر، ڪامورا، وزير، اسيمبلين جا ميمبر، زميندار، جاگيردار، هنري ماهر، دڪاندار هر قسم جا ماڻهو سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن ۽ پئسو، سماجي حيثيت، اثر رسوخ، ذهني، علمي ۽ عملي صلاحيتون يڪجا ٿيڻ سان، سنڌ ۾ هڪ اهڙي سماجي تحريڪ هلائي سگهجي ٿي، جو پڙهيلن وسيلي اڻپڙهيلن جي خدمت ڪري سگهجي.

6) حڪومت عوامي ڀلائيءَ لاءِ  جيڪا به رٿابندي ڪري ٿي، تنهن لاءِ  کيس صحيح حقيقتن ۽ انگن اکرن جي ضرورت ٿئي ٿي، تنهن ڪري جماعت جو هڪڙو ڪم اهو به ٿيڻ کپي ته هوءَ رضاڪارانه بنيادن تي حڪومت کي عوامي ڀلائيءَ بابت ترت ضرورتن کان آگاهه ڪري ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ  پنهنجن ماهرن جي مدد ۽ مشورو پيش ڪري، ته جيئن ون يونٽ دوران ٿيل ڪوتاهين کي جلد پورو ڪري سگهجي.

مٿين بنيادن جي طي ٿيڻ سان، 22 فيبروري 1971ع تي، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، سائين بخش عباسي گڏيا ۽ ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن“ جي نالي سان جماعت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان بعد تاريخ 2 اپريل 1971ع بروز جمع ڪيفي نيويارڪ ڪراچي ۾ پنج ساٿي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو ۽ حاڪم علي ڀٽو گڏيا ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پايي وجهڻ لاءِ  رٿن تي عمل ڪرڻ جي شروعات ٿي. سگا جي اوائلي دستاويز مطابق جناب شمشيرالحيدري کي پهريون ۽ باني سيڪريٽري جنرل ۽ جناب سائين بخش عباسيءَ کي خزانچي نامزد ڪيو ويو. باقي ٽي دوست مشاورتي ڪائونسل جا رڪن مقرر ڪيا ويا، جن ۾ مراد علي جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ حاڪم علي ڀٽو شامل آهن ۽ شريڪ ساٿين ان بنيادي دستاويز تي صحيحون ڪيون.

سنڌ گريجوئيٽس جي اوائلي ۽ بنيادي تنظيم قائم ٿيڻ سان تنظيمي سرگرميون ۽ ضروري دفتري ڪار گذاريون ۽ آئين سازي ۽ ميمبر سازيءَ جي فارم جو خاڪو رٿيو ويو ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي تڏهوڪي سوشل ويلفيئر آفيسر مس نذير ٿيٻو جي مدد سان عارضي فارم تيار ڪرائي، 4 جون 1971ع کان ايسوسيئيشن جي ميمبر شپ شروع ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت، ايسوسيئيشن جي رٿابندي، آئين سازي ۽ درپيش معاملن کي حل ڪرڻ ۽ سٿ سهيڙڻ ۽ ان کي سگهارو بنائڻ ۽ قانوني معاملن تي غور ۽ ويچار ۽ اپاءَ کنيا ويا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.