اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافي ۽ ميزبان ارشاد ڀٽي اداڪارا ميرا کان انٽرويو دوران ڪيل سوالن تي شروع ٿيل بحث تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ارشاد ڀٽي اداڪارا ميرا جو سندس ايندڙ فلم ”سائيڪو“ جي حوالي سان انٽرويو ڪيو هو، جنهن جا ڪجهه ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.
وڊيو ڪلپس ۾ ارشاد ڀٽي ميرا کان سندس ماضي جي لاڳاپن ۽ تڪرارن بابت سوال ڪري رهيو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي اداڪارن صحافي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ سوالن کي غير اخلاقي قرار ڏنو، جڏهن ته ميرا جي تعريف پڻ ڪئي.
اداڪارا زارا نور عباس لکيو ته ”هي انتهائي غلط آهي، ميرا کي ان صورتحال جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته هوءَ پنهنجي فلم تي ڳالهائڻ چاهي پئي، جيڪڏهن ڪنهن مرد سان اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي ها ته هو کيس ٺونشو وهائي ڪڍي ها.“
زارا وڌيڪ چيو ته ”ڇا توهان کي لڳي ٿو ته عورت سان اهڙي نموني ڳالهائڻ تي توهان کي بخشيو ويندو؟“
سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ هاڻي ارشاد ڀٽي ان معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪي سوال هن پوڊ ڪاسٽ دوران ڪيا، اهي اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا مختلف پليٽ فارمز تي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اداڪارا جا ڪيس به عدالتن ۾ هلندا رهيا آهن.
صحافي موجب، هي انٽرويو ڏاڍي مشڪل سان ٿيو ڇو ته ميرا ڪيئي ڀيرا وقت ڏنو پر هوءَ انٽرويو لاءِ نه آئي، ان انٽرويو جا ميرا پئسا ورتا هئا جيڪو سندس حق آهي، ڇو ته هي ميرا جي فلم جي مشهوري مهم نه پر سندس ذاتي انٽرويو هو.
ارشاد ڀٽي وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي انٽرويو جا رڳو ڪلپس وائرل آهن جنهن تي ماڻهو ردعمل ڏئي رهيا آهن، سڀ کان اڳ پوري پوڊ ڪاسٽ ڏسڻ گهرجي ۽ پوءِ ڳالهائڻ گهرجي.