ڪو ، زمانو هو جو ، سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو. ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو وارداتون ڪندا هئا ۽ ماڻهو اغوا ڪري پئسا وٺي پوءِ آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. سنڌ جا ، ڪجهه وڏيرا ۽ ڀوتار ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻيل هئا جن جي اشارن تي ، ڌاڙيل قهري ڪارروايون ڪري وارداتون ڪندا هريا. سڄي سنڌ ۾ خوف و هراس ڇانيل هو. ماڻهو ، سج لهڻ کان اڳ ۾ گهرن جا دروازا بند ڪري ويهي رهندا هئا. اوطاقون ماڻهن کان خالي ٿي ويون هيون. ڪو مهمان ڪنهن وٽ ترسڻ لاءِ تيار ڪونه هو. بس، پريشاني جو عالم هو.
اهڙي ماحول ۾ سنڌ پوليس بي وس بنجي ويئي. ڪي پوليس اهلڪار ته ڌاڙيلن سان مليل هئا ۽ سندن مخبري ڪند رهيا. کين هٿيار ۽ گولين تائين به رسائي ڪندا هئا ڪي ڀوتار به اهو ساڳيو ڪم ڪندا رهيا. ان ڪري سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر مضبوط ٿيندو ويو. حالتون انتهائي خراب ٿي چڪيون هيون. ڪنهنجي به عزت محفوظ ڪونه هئي. چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ٿي رهيو هو. صوبائي حڪومت ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪامياب ٿي چڪي هئي. ايئن محسوس ٿيندو هو ته ، حڪومت نالي ڪا به شيءِ ڪونه آهي.
ان ، وقت ميان نواز شريف جي حڪومت هئي. پاڻ ملڪ جو وزير اعظم هو تنهن ڌاڙيلن جي خلاف سخت نوٽيس ورتو. آرمي جي مدد سان ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو. اهي وڏيرا جيڪي ڌاڙيلن جا سهولتڪار هئا. تن جي خلاف به ڪارروايون تيز ڪيون ويون. نتيجي ۾ انهن مان کوڙ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. ڪن کي گرفتار ڪري آرمي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو ۽ سختي سان پڇاڻو ڪيو. اهي ڪيترن ڏينهن تائين انهن وٽ قيدو بند رهيا ۽ قيد جون سختيون ۽ عقوبتون برداشت ڪيون. آرمي ، کين سٺي سيکت ڏني. ان کانپوءِ انهن ڀوتارن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. جنهن ، ڄاڻايل وڏيرن کي مختلف ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻائي ايف آئي آرز ڪٽيون ۽ کين چالان ڪري ڪورٽ ۾ ڪيس هلرايو ۽ اهي جيل انتظاميه جي حوالي ڪري ڇڏيا. جتان آزاد ٿي گهر پهتا ۽ بعد ۾ ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۽ پشت پناهي جي ڪم کان هميشه لاءِ نابري واري ويٺا. مذڪوره وڏيرن تي سٺو اثر پيو ۽ حالتون بهتري طرف وڌڻ لڳيون.ٻئي طرف ڌاڙيلن جي خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪيو ويو. ڪيترائي ڌاڙيل مارجي ويا. ڪن کي مختلف ڪيسن ۾ سزائون اچي ويون. تڏهن وڃي ڌاڙيلن جو زور ٽٽو سنڌ ۾ امن و امان قائم ٿيو. ڪجهه ٺاپر ٿي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ڪن ڌاڙيلن پاڻ وڃي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو ۽ گرفتاريون پيش ڪيون. ڄاڻايل آپريشن ڪامياب ويو. ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن کان نجات ملي. اهو، نواز شريف جو عظيم ڪارنامو هو. جنهن جون ڳالهيون اڄ به ڳايون وڃن ٿيون ۽ تعريف ۽ واکاڻ ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ جي ماڻهن کي اها ڳالهه هميشه ياد رهندي. جنهن کي ڪڏهن به وساري ڪونه سگهبو. جنهن سنڌ ۾ امن و امان قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ئي ڪوششن سان ماحول سازگار بنيو. اسان جون اوطاقون ٻيهر آباد ٿيون. نراسائي ۽ نااميدي ختم ٿي. سنڌ واسين سک جو ساهه کنيو. زندگي جو ڪاروهنوار چريو. عوام کي جيئڻ جو حق مليو. وري رونق ۽ رنگيني پيدا ٿي. ماڻهن جا ڏک ۽ تڪليفون ميٽجڻ لڳيون چادر ۽ چوديواري جو تقدس بحال ٿيو.
ماضي جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي اٿم. ڪجهه وقت کان پوڳءِ ٻيهر ڌاڙيلن ڪر کنيو. ڌاڙيل ڪلچر مضبوط ٿيڻ لڳو. امن و امان جون حالتون خراب ٿينديون ويون. روزانه اغوا ، ڦرون ، چوريون ۽ قتل جون وارداتون ٿيڻ لڳيون. سڄي سنڌ ۾ ، اهو حشر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خاص ڪري سنڌ جي اتريان علائقن ۾ ته ڌاڙيل مضبوط ٿيڻ لڳا. گهوٽڪي ، سکر ، شڪارپور، لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ وارداتون ٿينديون رهيون. پوليس ڌاڙيلن سان به مقابلو ڪيو. پر، ناڪامياب ويئي. پوليس جا ڪجهه اهلڪار شهيد به ٿي ويا. ڪيترائي ماڻهو به مارجي ويا. علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو. عورتون بيوه، ٻار يتيم ، ويڙها ويران ٿيندا ويا. حڪومت اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکندي پهريائين پوليس کان ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ڪرايا پر، ڪا به ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي سگهي. بعد ۾ رينجرس کي اختيار ڏنا ويا ته هو، ڌاڙيلن کي زنده پڪڙين يا ماري ختم ڪن. پر ان آپريشن جو ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو.
هاڻي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته حڪومت جون اهي سموريون ڪوششون ڇو ناڪامياب ويون. ڌاڙيلن جي پناهگاهن کي ختم ڪرڻ ۾ ڇو ڪاميابي ڪونه ملي سگهي. ان جو سبب اهو آهي ته ، حڪومت جيڪو آپريشن ٿي ڪيو. ان باري ۾ اڳواٽ ئي پريس ڪانفرنس ڪري آگاهي ڏني پئي وڃي. يا جيڪا پاليسي مرتب ڪئي پئي ويئي سا، اخبارن ۾ شايع ٿي رهي هئي. ٽيليويزن جي نشريات ۾ به ٻڌايو پئي ويو. جنهن ڪري ڌاڙيلن کي خبر پئجيو پئي ويئي ۽ ڌاڙيلن آپريشن وارن ڏينهن دوران اتان نڪري ڪنهن محفوظ ٺڪاڻي تي هليو ٿي ويا. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي محفوظ ٺڪاڻا ڪهڙا آهن. جتي ڌاڙيل لڪيو ٿا وڃن. اهي محفوظ هنڌ ڀوتارن ، سردارن ، زميندارن ۽ بااثرن جا بنگلا آهن يا انهن جا زرعي فصل آهن. جتي کين ماني به ملي ٿي. آرام ڪرڻ لاءِ جاءِ به ملي ٿي. اهي ڀوتار بااثر آهن. جن جو ڪير به نالو وٺڻ وارو ڪونه آهي. جنهن ڪري ڌاڙيلن کي تحفظ مليو وڃي. وري جڏهن آپريشن جي مدت پوري ٿئي ٿي ته ، ڌاڙيل ٻيهر موٽيو وڃيو پنهنجيون ڪارروايون شروع ڪن ٿا.
فوجي آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ، ڌاڙيل ٻيهر ميدان ۾ اچي ويا. جن وارداتون ڪرڻ جو آغاز ڪيو آهي. تازو رائونتي ويجهو ، پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جي ٽن ٽولن پاران ، سولنگي برادري جي ڳوٺ ۽ ڪمند جي واڍي جو ڪم ڪندڙ پورهيتن تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جديد هٿيارن سان ڪيترائي ڪلاڪ ڏوهارين طرفان فائرنگ جاري رهي. نتيجي ۾ ، هڪ واٽهڙو عورت نالي حميدان سيلرو سميت پنج ڄڻا شعبان سولنگي ، پرويز سولنگي ، عبدالحفيظ سولنگي ، شهزادو سولنگي ۽ سرور سولنگي مارجي ويا. ان واردات جي اطلاع تي پنجاب جي رحيم يار خان پوليس جا اٽالا ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ حسين سولنگي پهتا. پوليس ۽ ڌاڙيلن يعني ڏوهارين جي درميان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. سخت مقابلو ڪيو ويو. اهو ، علائقو جنگ جو ميدان بنجي ويو. علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو. جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ محدود ٿي ويا. ڌاڙيلن ۽ پنجاب پوليس جي وچ ۾ گولين جي ڏي وٺ ٿي. مقابلو ٿيو. جنهن ۾ پوليس جا ٽي اهلڪار قاسم ، ارشاد ۽ اي پي سي ڊرائيور محمد سرور مارجي ويا ۽ متعدد زخمي به ٿيا آهن. جڏهن هن مقابلي ۾ چار ڄڻا ڏوهاري به مارجي ويا آهن. جن جا نالا عمرو شر، رحم علي شر ، لالو سيلرو ۽ ڪمون ڪوش آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش ڏوهاري پاڻ کڻي ويا آهن. پر، ان جي اڃا تائين تصديق ڪونه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪارن جي لاشن کي رحيم يار خان جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته اهي لاش صادق آباد جي اسپتال ڏانهن موڪليا ويا آهن.
هاڻي ڌاڙيلن سنڌ جي اترئين علائقن ۾ سنڌ پنجاب دنگ تي ماڻهن کي تپائي تنگ ڪري ڇڏيو آهي. سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ان ڪري انهن جي خلاف آپريشن ڪيو وڃي. پر، ياد رهي ته جيڪا ڪارروائي ڪئي وڃي ته ان کي مخفي رکيو وڃي. جيئن نشرياتي ۽ خابرو ادارن کي خبر نه پئجي سگهي. ڌاڙيلن کي به معلوم نه ٿي سگهي. ڌاڙيلن جي سهولتڪارن، ڀوتار، ۽ مخبري ڪندڙن کي کڙڪ نه پوي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ڪڏهن به ڌاڙيلن کي پڪڙيو ڪونه ويندو. ڪو به آپريشن ڪامياب ڪونه ٿيندو. جنهن ڪري حڪومت احتياط کان ڪم وٺندي. اوچتو مذڪوره ڏوهارين جي خلاف ڪارروائي ڪري ايئن ڪرڻ سان ڌاڙيلن ڀڄي ڪونه سگهندا ۽ پڪڙ ۾ اچي ويندا. ڪنهن به ڌاڙيل سان رعايت نه ڪئي وڃي. ان جي خلاف سختي سان پيش اچڻ گهرجي. تڏهن وڃي سندن خاتمو ممڪن ٿيندو. آئون هتي آخر ۾ اهو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو ته ، سنڌ جو مشهور ڏوهاري قسم جو ماڻهو خطرناڪ ڌاڙيل فقير ثناءَ الله شر به ڪيترائي پوليس وارا ۽ غريب ماڻهو ماري چڪو آهي. فوج ۽ پوليس سان به مقابلا ڪيا اٿس. هاڻ ڪنهن مصلحت ۽ مفاهمت تحت ڪنهن ڀوتار جي معرفت پيش ٿيو آهي. باقي قانون نافذ ڪندڙ ادارا ته سندس ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهيا. انهن ڪو به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. فقير ثناءَ الله شر جي گرفتاري بابت ڪيترائي افواهه ٻڌندا رهون ٿا. ڪيتريون ئي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن کوڙ ساريون قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن. انهن ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي. ان باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڄاڻايل ڌاڙيل کي ڪنهن ڀوتار يا سردار پيش ڪيو آهي ته پوءِ انهن جي معرفت ٻيا ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو به گرفتار ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ سرڪار کي گهرجي ته ڌاڙيلن جي پشت پناهي ڪندڙ سردارن ۽ وڏيرن تي اثر رسوخ هلائي انهن جي معرفت ٻين ڏوهارين کي به گرفتار ڪري قوم تان جنجال لاٿو وڃي.