اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران سائفر ڪيس ۾ اڳوڻن جنرلن ۽ آمريڪي سير کي گهرائڻ چاهي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته ڪنهن سان مداخلت ڪرڻ ڏوهه ناهي پر مداخلت بابت ٻڌائڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته سيفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خاص عدالت اڳوڻي آرمي جنرل ۽ آمريڪي سفير کي طلب ڪري.