اليڪشن ڪميشن جي مالي ضرورت لاءِ ڪو به بحران ناهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي  مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو ڪو به بحران ناهي، اليڪشن ڪميشن کي جيڪا به رقم گهربل آهي اها ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 42 ارب رپين جي منظوري ڏني هئي، منظور ٿيل بجيٽ رقم مان 17.4 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي جيڪا به بجيٽ جي رقم جي ضرورت آهي اها ضرورت موجب جاري ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون.واضح رهي ته نگران سڌ سماءَ واري وزير جو اهو بيان ميڊيا جي رپورٽن کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ناڻي واري وزارت کي عام چونڊن لاءِ مختص فنڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ناڻي واري سيڪريٽري کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.