اتر غزا ۾ اسڪولن تي بمباري، 50 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ)اتر غزا ۾ اسڪولن تي اسرائيلي بمباري سبب 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، ڏکڻ غزا کي به فلسطينين کان خالي  ڪرايو پيو وڃي، غزا ۾ 3 ڏينهن جي شديد بمباري کان پوءِ اسرائيلي فوج ڏکڻ غزا ۾ داخل ٿي رهي آهي. بي بي سي مطابق اسرائيلي فوج جي ريڊيو جي شروعاتي رپورٽن ۾ ٻڌايو آهي، ته اسرائيل خان يونس جي اتر ۾ زميني ڪارروائين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي ٽينڪ خان يونس شهر ويجهو موجود آهن. اسرائيل جي هٿياربند فوج جي سربراهه هرزي حليوي چيو آهي، ته سندس فوجي جٿا ڏکڻ غزه ۾ پڻ ڀرپور طريقي سان جنگ وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته اسان غزه جي پٽي جي اتر ۾ پنهنجي پوري طاقت سان وڙهياسين ۽ هاڻي اسان ڏکڻ غزه ۾ پڻ اهو ئي ڪري رهيا آهيون. اسرائيلي فوج جي ترجمان تصديق ڪئي ته اسرائيل طرفان غزه جي سمورن علائقن ۾ زميني ڪارروائين ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ آمهون سامهون جنگ پڻ شامل آهي. هڪ هفتي جي عالمي جنگ بندي ختم ٿيڻ بعد اسرائيل غزه تي وڏي پئماني تي بمباري ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن کي خان يونس جي رهواسين هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي موتمار حملا قرار ڏنو آهي.عالمي فوجداري عدالت جي پراسيڪيوٽر ڪريم خان اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۾ نمايان اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سندس آفيس فلسطيني علائقن ۾ پنهنجي جاچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪندي. سعودي خابرو اداري مطابق هن هن فلسطين جي دوري دوران راملا ۾ فلسطيني صدر محمود عباس ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات ڪئي. هن غزه جي جنگ بابت چيو ته ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ ويڙهه فطري طور تي پيچيده آهي پر عالمي انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. اسرائيلي فوج ان قانون کي ڄاڻي ٿي جنهن کي لاڳو ٿيڻ گهرجي. هن پنهنجي دوري بعد جاري لکت واري بيان ۾ اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۾ نمايان اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انتهاپسند نظريو ۽ رائيفل سان ليس ڪو به اسرائيلي اهڙي طرح جو ڪم ڪرڻ جي قابل هئڻ جو احساس نٿو ڪري سگهي،هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ غزه ۾ ٻيهر بمباري جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خوفناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڌرين کي سياسي حل ڳولهڻ جي اپيل ڪئي آهي . هن جنيوا ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پر تشدد ڪاروائيون بند ۽ ٻيهر ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي وڃي  وڌيڪ پر تشدد ڪاروائيون امن سلامتي لاءِ نقصانڪار آهن وولڪر ترڪ چيو ته اسرائيل فوج جي ٻيهر حملن جي شروعات کان سوين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن پر تشددڪاروائين جي ٻيهر شروعات وڌيڪ فوتگين بيمارين ۽ تباهي جو سبب بڻجندو ان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي  ان قدم سان ماڻهن کي اتر ۽ ڏکڻ پاسي علائقن مان نڪرڻ جي حڪمن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهن کي مناسب صفائي خوراڪ پاڻي صحت جي فراهمي تائين پهنچ بغير ڏکڻ پاسي غزه جي ننڌن علائقن ۾ قيد ڪيو پيو وڃي ايتري قدر جو بمن جي بارش ڪئي ويندي آهي غزه ۾ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي هائي ڪمشنر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جو قانون شهرين جي تحفظ ۽ ضرورت مند ماڻهن تائين بلارڪاوٽ انساني پهنچ جي سهولت کي برقرار رکي ٿو هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڪهڙي طرح اتر غزه ۾ لکين ماڻهون بمباري جي نئين خطري سبب خوراڪ ۽ ٻين شين کان محروم آهي ان جو چوڻ آهي ته ان خوفناڪ صورتحال ۽ ڏکڻ وڃڻ جو مطلب آهي ته فلسطيني شهرين کي بنيادي طور تي مجبور ڪيو پيو وڃي غزه جي اتر پاسي حصي کي خالي ڪرڻ جي ڪوشش آهي هن چيو ته عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي سنگين الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ کپي ذميوارن کي جوابده هجڻ کپي اهڙن معاملن جي جاچ ۽ قانوني ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا اتي عالمي جاچ ضروري آهي هن چيو ته هاڻي رک بدلجڻ جو  وقت اچي چڪو آهي جيڪي ماڻهون عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪن ٿا ان جو احتساب ڪيو وڃي ڪير به قانون کان بالا تر ناهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.