کيبر ڀرسان انتظاميا ۽ پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، مزاحمت، لٺبازي، ڪيترائي زخمي

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) کيبر ڀرسان ڳوٺ جمع شهوڪ تي ضلع انتظاميه جي حڪم تي اي سي مٽياري   پوليس نفري ساڻ ڪري گهر ڊاهڻ جي ڪوشش خلاف مڱڻهار برادري جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا قومي شاهراهه تي ڌرڻي کان روڪڻ لاءِ پوليس طرفان مطاهرين  مٿان لٺبازي ڪئي وئي، عورتون ۽ ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي وڏيرو غلام محمد مڱڻهار، فيض علي مڱڻهار، حاجي ابراهيم شھوڪ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان 1983 کان ويٺل آهيون جنهن جي لکت پڻ موجود آهي بااثر شخص بشير ڪليار گهرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هو 2011 جا ڪوڙا زرعي زمين جا هٿرادو ڪاغذ ٺهرائي پوليس جي مدد سان بي گهر ڪرڻ چاهي ٿو، محمد صالح ملاح پاران ڪيل پلاٽنگ دوران قسطن ۾ پلاٽ وٺندي گهر ڏيندي ڳوٺ بڻايوسين، ڳوٺ ۾ مڱڻهار، شهوڪ، ڀچا، باگڙي ۽ ٻين برادرين ماڻهو آباد آهن، ضلعي انتظاميه بااثر جي ونگار وھڻ ۽ ڳوٺاڻن کي پريشان ڪرڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ته انهن خلاف عدالتن ۾ وينداسين ۽ روڊن تي احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.