جسٽس عقيل عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور منظوري

اسلام آباد(م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس عقيل احمد عباسي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزد ڪرڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مستقلي واري معاملي تي غور ڪيو ويو.جڊيشل ڪائونسل جسٽس عقيل احمد عباسي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي.جڊيشل ڪميشن پنهنجون سفارشون منظوري لاءِ پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليندي.واضح رهي ته جسٽس عقيل احمد عباسي هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جي ضابطن ۾ ترميم لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.