نيب جي باري ۾ سستي جو تاثر ڪنهن حد تائين صحيح آهي: نيب چيئرمين

لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد چيو آهي ته نيب جي باري ۾ سستي جو تاثر ڪنهن حد تائين  صحيح آهي، لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 10 مان 7 ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن هائوسنگ اسڪيم جي فراڊ جو شڪار آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن سان ڪا به زيادتي نه ٿئي، نيب بابت خوف ختم ڪنداسين، اسان کي چور کي پڪڙڻو آهي پر سموري پاڙي کي پريشان ناهي ڪرڻو، ڪرپٽ ماڻهن جو پيڇو ڪنداسين، فراڊي ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، فرد واحد يا هڪ ادارو ملڪ کي ڪرپشن کان آزاد نٿو ڪرائي سگهي، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.