هڪ جماعت جي سربراهه کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اليڪشن کان پهريان اليڪشن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، هڪ جماعت کي  هميت ڏني پئي وڃي ۽ ان جي سربراهه کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، سکر جي گرلز ڊگري ڪاليج ۾ٽن ڏينهن واري اسٽوڊنٽس فن فيئر جي تقريب سان خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته جنهن پارٽي کي اهميت ڏني پئي وڃي ان جا اڳواڻ اهو چئي رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ ساڻن گڏ آهي پر آئون نٿو سمجهان ايئن ٿيندو، پر اسان سمجهون ٿا ته شايد اليڪشن ڪميشن کي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو خيال اچي وڃي، اسان ته صرف اهو ٿا چئون ته ڀلي انهن کي پڻ پروٽوڪول ڏنو وڃي پر چونڊون شفاف ڪرايون وڃن، هن چيو ته هن وقت صرف پيپلز پارٽي ئي آهي جيڪا عوام ۾ هلي رهي آهي ۽ اليڪشن جو مطالبو ڪري رهي آهي، سنڌ جا وارث سنڌ جا ماڻهو آهن چاهي هو ڪهڙي به زبان ڳالهائيندا هجن، خالد مقبول کي ڪنهن ٺيڪو ڏنو آهي ته هو چوندو ٿو وتي ته سنڌ جا اصل مالڪ هو آهن، موقعو مليو ته نوجوانن لاءِ يوٿ ۽ هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪنداسين، جنهن سان هارين کي سستي کاڌ، تيل ۽ ٻج ملي سگهندو، اسان اسڪولن جي نظام سميت اسپتالن جي نظام کي پڻ بهتر بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.