سنڌ جي ثقافت مھذب تهذيب ۽ روايتن جي امين آهي:مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ رهندڙ  سنڌين کي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، ھن اهڙو اظهار آچر ڏينھن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس بيان ۾ ڪيو، نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت مھذب تهذيب ۽ روايتن جي امين آهي ۽ سنڌ تصوف جي واري ڌرتي آهي، جتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لعل شهباز قلندر، سچل سرمست، عبدالله شاهه غازي جهڙن عظيم صوفين جي ڇپر ڇانو آھي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ثقافت ۾ مهمان نوازي، رواداري، اخلاق ۽ محبت جو جذبو سڀ کان مٿانهون آهي، سنڌ جي ثقافت ۾ اجرڪ جي رنگن وانگر دل موھيندڙ انداز شامل آهي، نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) باقر چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن نسل پرستي، انتهاپسندي ۽ هر قسم جي تعصب خلاف محبت جو درس ڏئي ٿو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.