ميرپورخاص جي عوام جو به جشن، خوشبو لغاري پاران فن جو مظاهرو

ميرپورخاص (صالح اوٺو)  ميرپورخاص جي عوام پنهنجي جذبن، احساسن سنڌ امڙ سان بي پناهه عشق واري جذبي سان سرشار ٿي ثقافتي  ڏهاڙو ملهايو پريس ڪلب آڏو قائم ڪيل مرڪزي ڪئمپ تي قومي ۽ لوڪ گيتن تي رقص ڪندا رهيا، مرڪزي ڪئمپ تي سنڌ جي مشھور فنڪارن ڀورالال ڀٽ شاھي ، ستار جوڳي، امانت فقير ، خوشبو لغاري پاران ثقافتي گيت پيش ڪيا ويا مرڪزي ڪئمپ تي اڳوڻو ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال، ڪمشنر فيصل احمد عقيلي،ڊي سي ڊاڪٽر رشيد احمد مسعود ، ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر عبدالرؤوف غوري ،يوسي چيئرمين ياسين بلوچ ،پ پ منارٽي ونگ اڳواڻ رميش ڪمار مالھي، ھيرالال ميگھواڙ، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر وڪيل سڪندر ڪولاچي ، قومپرست اڳواڻ وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل ڪانجي ڀيل  ۽ ٻين پھچي سنڌي قوم کي ثقافتي ڏھاڙي جي مبارڪ باد ڏني ، جڏهن ته ايس يوپي پاران لالا اظھر پٺاڻ ،عبيد بنگلاڻي ، جروار برادري پاران عمر جروار منصور جروار ، پنھور برادري پاران عاشق پنھور، وقار پنھور جي اڳواڻي ۾ ريليون مرڪزي ڪئمپ تي پھتيون ان کانسواءِ وساڻ برادري، سومرا اتحاد پاران مجيد سومرو ، ارشاد علي ۽ حنيف سومرو ،جسقم آريسر پاران سرمد لغاري ، نويد عباسي ، جسقم بشير قريشي گروپ پاران قاضي محمد ھاليپوٽو، متحده ميگھواڙ فورم پاران سڀاش چندر ،ڊاڪٽر لالچند پريمي ، پي ٽي آئي پاران ڪاشف جروار ، جي اڳواڻين ۾ ريليون پھتيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.